Monday , June 16 2025
Breaking News

هڪ ڀيرو ٻيهر مراد علي شاهه وڏو وزير ۽ آغاسراج دراني اسپيڪر نامزد

ڪراچي (رپورٽر  سنڌسماءَچار) سنڌ جي وڏ وزارت لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر سيد مراد علي شاهه ۽ اسپيڪر شپ لاءِ ڪُڻو آغا سراج دراني جي نالي تي نڪري ويو آهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته، هاڻي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻي پوندي جنهن سُسِتي ڏيکاري ان کي گهر وڃڻو پوندو. بلاول هائوس ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حتمي طور تي مراد علي شاهه کي سنڌ جو وڏو وزير، آغا سراج دراني کي سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر ۽ ريحانه لغاري کي ڊپٽي اسپيڪر طور نامزد ڪندي باقائده اعلان به ڪيو ويو آهي، انکان اڳ بلال وڏ وزارت لاءِ مراد علي شاهه جو نالو ٻڌائي چڪو هو. پ پ پ جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ سنڌ حڪومت جي جوڙجڪ بابت به ويچاريو ويو.

پارٽي جي اجلاس دوران خطاب ڪندي پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته، هاڻي سنڌ حڪومت کي پنهنجي ڪارڪرگي کي بهتر ڪري عوام جا مسئلا حل ڪرڻا پوندا. هن چيو ته وڏي وزير سميت ڪابينا جي ميمبرن ڪارڪردگي سڌارڻ ۽ اوليتن کي طئه ڪرڻو پوندو.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *