Saturday , April 27 2024

شرجيل ميمڻ جو400 تولا سون 3 لک رپين جو، الڪيشن ٽربيونل ۾ درخواست داخل

حيدر آباد( رپورٽر   سنڌسماءَچار) حيدرآباد جي تڪ پي ايس 63 تي پ پ اميدوار شرجيل ميمڻ جي نامزدگي فارمن کي اپيليٽ ٽربيونل ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي،درخواستگذار جو چوڻ آهي ته اميدوار غلط تفصيل ڏنا، ان جي باوجود رٽرننگ آفيسر سندس فارم منظور ڪيا. درخواست گذار پير عمر جان سرهندي جو چوڻ آهي ته شرجيل ميمڻ نامزدگي جي فارمن ۾ غلط بياني ڪئي آهي،انڪري سندس فارم رد ڪيا وڃن. هن چيو ته شرجيل ميمڻ هڪ جاءِ تي ڏيڍ سو سون جي تولن جي قيمت هڪ رپيو ڄاڻائي آهي. هن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته شرجيل ميمڻ وٽ 400 تولا سون آهي،جنهن جي قيمت صرف3 لک رپيا ظاهر ڪئي وئي.اپيليٽ ٽربيونل کي استدعا ڪئي وئي آهي ته رٽرننگ آفيسر غيرقانوني طور تي شرجيل ميمڻ جا نامزدگي جا فارم درست قرار ڏنا ،جن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *