وفاقي حڪومت نعيم شيخ ۽ جاويد مهر سميت 4 ڊي آءِ جيز 20 مان 19 گريڊ ۾ رورٽ ڪري ڇڏيو

ڪراچي ( رپورٽر   سنڌ سماءَ چار) وفاقي حڪومت پي ايس پي گروپ جي چئن ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل پوليس / ڊي آءِ جي پي کي 20 هين گريڊ مان رورٽ / واپس ڪري ڇڏيو آهي، 6 اپريل تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چئني پوليس آفيسرز کي فيبروري مهيني دوران ڏنل ترقي وارو نوٽيفڪيشن واپس ورتو ويو آهي. وفاقي حڪومت جي ڪيبينيٽ ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪين نمبر

2(3)/2016-E-3 (Police) dated. 22-02-2018 BPS-19 to 20

۾ ڊي آءِ جي جاويد علي مهر، نعيم شيخ، جاويد سونهارو ۽ ڪئپٽن رٽائرڊ عاصم خان شامل آهن. سمورا رورٽ ڪيل آفيسرز/ڊي آءِ جيز اڃا تائين پنهنجن عهدن تي مقرر آهن.

چئني ڊي آءِ جيز کي 22 هين فيبروري 2018 تي جاري ڪيل هڪ نوٽيفڪيشن مطابق 19 هين گريڊ مان 20 هين گريڊ ۾ ترقيون ڏنيون ويون هيون. جيڪو نوٽيفڪيشن 6 هين اپريل 2018 تي هڪ نئين نوٽيفڪيشن ذريعي واپس ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

صدر آصف زرداري جو ويزن، خطرناڪ ڏوهارين سان رعايت،71 ڏوهاري پيش

سنڌ حڪومت صدر آصف زرداري جو ويزن مڪمل ڪرڻ ۾ ڪامياب، 6 ڪروڙ رپين کان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *