Saturday , April 27 2024

آمريڪا پاڪستان جو دوست ۽ اتحادي ناهي رهيو، دوست ائين ناهن ڪندا: خواجا آصف

ڪراچي  ( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پرڏيهي  وزير خواجه آصف چيو آهي ته آمريڪا اسان جو اتحادي نه آهي، اتحادي  ۽ دوست اهڙي زبان استعمال نه ڪندا آهن، ڊونلڊ ٽرمپ جو بيان اسان جو  ذاتي نه پر  قومي وقار جو مسئلو آهي ان تي پارليامينٽ مان  گڏيل جواب ڏيڻ گهرجي. هڪ ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته سندس ذاتي ڪا به اوقات نه آهي، هو عوامي نمائندو آهي ،پارليامينٽ جو ٺهراءُ عوام جي خواهشن موجب هئڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن آئون ذاتي حيثيت تي ٽرمپ بابت ڪو بيان ڏيان ٿو ته ان جي ڪا اهميت ناهي پر جڏهن سندس نالي اڳيان پرڏيهي وزير لڳل آهي ته پوءِ ان جي اهميت آهي. سندس چوڻ هو ته نڪي هيلي ۽ مِڪ ماسٽر جي بيانن بعد آمريڪا جو رويو نه ته اتحادي جهڙو آهي ۽ نه ئي دوست وانگر آهي. خواجا آصف چيو ته آمريڪا سپر پاور آهي ۽ هو دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ تي پيل ننڍي سُئي به ڏسي وٺندو آهي پر حقاني نيٽ ورڪ جي معاملي ۾ ان جي سموري ٽيڪنالاجي ناڪام ٿي وئي آهي ۽ هو چون ٿا ته حقاني نيٽ ورڪ پاڪستان ۾ ويهي افغانستان ۾ حملا ڪري پيو. پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ پنهنجي پئسن تي وڙهي، آمريڪا ايف 16 جهازن جا پئسا به کائي ويو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *