Saturday , April 27 2024

عمران جوکيو ڪيس:ايس ايس پي عرفان بلوچ جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري، پگهار بند ڪرڻ جو حڪم

Imran JokhioImran Jokhio parents stillIrfan Baloch SSP 01

عمران جوکيو جا وارث – ايس ايس پي عرفان بلوچ (فائل فوٽو)

نوشهروفيروز(سنڌسماءَچار نيوز) 7 سال اڳ پوليس هٿان گرفتاري بعد گم ڪيل نوشهروفيروز واسي نوجوان عمران جوکيو جو اڃا تائين ڪو به ڏس پتو پئجي نه سگهيو آهي. نوشهروفيروز جي عدالت پوليس پاران گرفتاري بعد گم ڪيل نوجوان عمران جوکيو ڪيس ۾ ايس ايس پي عرفان بلوچ ۽ ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن حيدرآباد عرفان قادر ڀٽو جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري سنڌن پگهار بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

نوشهروفيروز جي ايڊيشنل سيشن ڪورٽ ۾ پوليس پاران گرفتاري بعد گم ڪيل نوجوان عمران جوکيو جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. جنهن ۾ عدالتي نوٽيسز باوجود پيش نه ٿيڻ تي ايس ايس پي عرفان بلوچ جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

نوجوان عمران جوکيو جي پوليس هٿان گرفتاري بعد گمشدگي واري ڪيس ۾، نوشهروفيروز جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ايس ايس پي عرفان بلوچ ۽ ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن حيدرآباد عرفان قادر ڀٽو جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.

عدالت ڪيس ۾ گهربل  ايس ايس پي عرفان بلوچ ۽ ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن حيدرآباد عرفان قادر ڀٽو جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ سان گڏ ٻنهي آفيسرز جون پگهارون ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي.

ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج نوشهروفيروز، نوجوان عمران جوکيو ڪيس جي ٻڌڻي بعد جاري ڪيل حڪم ۾ آءِ جي  سنڌ اي ڊي خواجا کي به هدايت ڪئي آهي ته، هُو ايس ايس پي عرفان بلوچ ۽ اينٽي ڪرپشن کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر کي 27 سيپٽمبر تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ پابند بڻائي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *