Saturday , April 27 2024

مقامي سطح تي ڪرونا وئرس تبليغين جيڪري پکڙيو: سنڌ جي وڏي وزير جي دعويٰ

سڄي ملڪ ۾ وقتائتو لاڪ ڊائون ڪيو وڃي ها ۽ رائيونڊ جو تبليغي اجتماع نه ٿئي ها ته ڪرونا مقامي سطح تي نه ڦهلجي ها: مراد علي شاهه

لاڙڪاڻو(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) سنڌ جي وڏيموزير مراد علي شاهه دعويٰ ڪئي آهي ته، سنڌ ۾ مقامي سطح تي ڪرونا جا ڪيس تبليغين جيڪري پکڙيا، جيڪڏهن رائيونڊ ۾ تبليغي اجتماع نه ٿئي ها ته ڪرونا ايترو تيزي سان نه پکڙجي ها ۽ ان تي ضابطو به آڻي سگهجي پيو. وڏي وزير مراد علي  شاهه لاڙڪاڻي ۾ مقامي سطح تي وائرس پکڙجڻ سبب نئون تڪ ۽ دڙي پاڙو سيل ٿيڻ بعد شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو. شهر جي دوري کانپوءِ ڪمشنر هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته، ڪرونا وائرس جي پهرين مريض جي تصديق ٿيڻ کانپوءِ سنڌ حڪومت حفاظتي قدم کڻڻ شروع ڪيا هئا ته اسان کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.

مراد علي شاهه چيو ته، ايران مان آيل ڪرونا متاثرن کي سکر ۾ ڪورنٽائين ڪيو ويو، جتي سندن علاج ڪيو ويو ۽ صرف هڪ ڄڻي کانسواءِ ٻيا سمورا چاق چڱاڀلا  ٿي ويا ۽ انهن کي پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن روانا ٿي ويا  آهن، هڪ ڄڻي جو علاج هلندڙ آهي. وڏي وزير مراد علي  شاهه پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته، سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي مقامي سطح تي پکڙجڻ جو ذريعو تبليغي جماعت جا ماڻهو آهن، ٻين صوبن مان سنڌ آيل تبليغين کي سندن صوبن جي واڳيل اختيارين کين ڪرونا نه هنجڻ  ۽ ڪليئر قرار ڪري سنڌ روانا ڪيو هو انهن جي ٽيسٽنگ ۾ کين ڪرونا هئڻ جي تصديق ٿي آهي. هن اهو به چيو ته جيڪڏهن رائيونڊ ۾ تبليغي جماعت جو اجتماع ئي ڪرڻ نه ڏنو وڃي ها، سڄي ملڪ لاڪ ڊائون جو فيصلو وقتائتو ڪيو وڃي ها ته وائرس کي روڪڻ ۾ مدد ملي ها ۽ ايترو تيزي سان نه وڌي ها.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *