Saturday , April 27 2024

پ پ ۽ جي ڊي اي هڪ پيج تي، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ سنڌ خلاف ٻِٽُ

سنڌ اسيمبلي ۾ صوبن جي حدن ۾ ڦير  ڦار لاءِ ايم ڪيو ايم جي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل بل خلاف ٺهراءُ منظور، پ پ ۽ جي ڊي اي هڪ پيج تي اچي ويا

ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ ٺهراءُ خلاف ٻِٽُ بڻجي ويا

ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ اسيمبلي ۾ صوبن جي حدن ۾ ڦيرڦار ۽ سنڌ جي ورهاڱي خلاف ٺهراءُ اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ڇڏيو، پ پ ۽ جي ڊي اي هڪ پيج تي اچي ويا، پي ٽي آءِ  ۽ ايم ڪيو ايم ٻِٽ بڻجي ويا، ٺهراءَ جي مخالفت، سعيد غني چيو آهي ته اسان ڪنهن به حد تائين وڃي سگهون ٿا، نصرت سحص عباسي چيو آهي ته جيستائين هڪ به حُر زندهه آهي سنڌ ڏي ڪير به ميري اک نه ٿو کڻي سگهي، آغا سراج دراني چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي پي ٽي آءِ جو ٺهراءُ پيش ٿيڻ ئي نه ڏيڻ گهرجي ها. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران پ پ ايم پي اي غلام قادر چانڊيو متحده طرفان صوبن جي حدن ۾ ڦيرڦار جا اختيار صوبائي اسيمبليز کان کسڻ واري بل خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو. جنهن دوران اپوزيشن ميمبرز طرفان حڪومتي ميمبرز جي رويي خلاف احتجاج ۽ گوڙ ڪيو ويو. اپوزيشن ميمبرز اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ڪيو، جنهن تي اسپيڪر آغا سراج دوراني چيو ته ڇا توهان سنڌ جي خلاف آهيو؟ اسان مري وينداسين پر سنڌ جو ورهاڱو برداشت نه ڪنداسين.

صوبائي وزير سعيد غني چيو ته متحده جو بِل رڳو نه پر سمورن صوبن خلاف سازش آهي، جيڪڏهن قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان بل پاس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڀرپور ردعمل ڏيکارينداسين، سنڌ ڪنهن جي پيءُ جي جاگير نه آهي. متحده جو بِل ملڪ ۽ وفاق خلاف سازش آهي، اهڙي ترميمي بل کي ڪچري جي دٻي ۾ وجهڻ گهرجي، اسان هن ترميم خلاف هر حد تائين وينداسين. اجلاس ۾ ايم پي اي نصرت سحر عباسي به جي ڊي اي طرفان ٺهراءُ پيش ڪيو، سندس چوڻ هو ته سندن جماعت ڪڏهن به سنڌ جي ورهاڱي خلاف ٺهراءُ جي مخالفت نه ڪئي آهي، پير پاڳاري واضح لفظن ۾ آرٽيڪل 149 جي مخالفت ڪئي، سندن پارٽي ته پيپلز پارٽي جي دور ۾ ٻٽي نظام خلاف به جدوجهد ڪئي هئي. جيستائين جي ڊي اي جو هڪ ميمبر به زنده آهي، سنڌ کي ڪوبه ورهائي نه سگهندو. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران پيپلز پارٽي ۽ جي ڊي اي جي ميمبرز سنڌ جي ورهاڱي ۽ متحده جي بل خلاف ٺهراءُ جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو، جڏهن ته متحده ۽ پي ٽي آءِ ميمبرز ٺهراءُ جي مخالفت ۾ ووٽ ڏئي متحده جي بِل جي حمايت ڪئي. اُن کانسواءِ ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جا ميمبرز واڪ آئوٽ ڪري ويا.

واضح رهي ته ايم ڪيو ايم طرفان گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ترميمي بِل پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ صوبائي حدن ۾ ڦيرڦار يا ورهاڱي جي حوالي سان صوبائي اسيمبليز کان اختيار کسڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. بِل ۾ آئين ۾ شامل اُها شَق ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جنهن ۾ لکيل آهي ته ڪنهن به صوبي جي حدن ۾ ڦيرڦار جي حوالي سان جيڪڏهن قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ بِل منظور ٿئي ٿو، ته صدر تيستائين اُن جي منظوري نه ڏيندو، جيستائين لاڳاپيل صوبي جي اسيمبلي 2 ڀاڱي 3 جي اڪثريت سان اُن جي منظوري نه ڏئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *