Sunday , April 28 2024

”ڀارت ته ڪوشش ڪئي پر بنگلاديش اسان جي غلطين سبب ڌار ٿي ويو“: وزيراعظم عمران خان

سوهاوا/جهلم (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ”ڀارت ته ڪوشش ڪئي پر بنگلاديش اسان جي غلطين سبب ڌار ٿي ويو، اڄ به فاٽا، بلوچستان جا ماڻهو خراب حالتن ۾ آهن ۽ سنڌ ۾ 70/75 سيڪڙو ماڻهو غربت کان هيٺ واري زندگي گذاري رهيا آهن، ملڪ کي فوج نه پر عوام ئي گڏ رکي سگهي ٿو“،  اهو چوڻ آهي آهي وزير اعظم عمران خان جو، عمران خان جهلم ڀرسان سوهاوا  ۾ القادر يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان  چيو ته روحانيت جي سپهه سالار عبدالقادر جيلاني جي نالي تي يونيورسٽي جو بنياد رکيو آهي، عظيم صوفي بزرگ اسلام، روحانيت ۽ سائنس جو واسطو جوڙيو هو ۽ روحانيت ۾ تحقيق شروع ڪرائي هئي، اسان به ان نظريي سان اڳتي وڌنداسين، اسان به اسلام، روحانيت ۽ سائنس جو واسطو جوڙينداسين، روحانيات کي سپر بڻائينداسين. عمران خان چيو ته، ” افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته، جڏهن پاڪستان ٽٽي ويو ۽ اوڀر پاڪستان اسان کان  ڌار ٿي ويو ته اُهو انڪري ٿيو جڏهن پاڪستان جو نظريو پوئتي رهجي ويو ۽ اوڀر پاڪستان جي ماڻهن چيو ته ڇو هن رياست جو حصو بڻجون.“

وزيراعظم عمران خان پنهنجي خطاب دوران اهو به چيو ته، ”ڀارت ته ڪوشش ڪئي پر ملڪ ٽٽڻ جي غلطي اسان جي هئي، ڇو ته اسان پنهنجي ماڻهن کي انصاف نه ڏنو ۽ هاڻي به اسان ماڻهن کي انصاف نه ڏينداسين، فاٽا جا ماڻهو خراب حالتن ۾ آهن، انهن جي مدد ڪرڻ گهرجي، بلوچستان جا ڪيترائي علائقا آهن، جتان جا ماڻهو تمام گهڻو پوئتي رهجي ويا آهن، سنڌ جي ٻهراڙين ۾ جا 70 کان 75 سيڪڙو ماڻهو غربت جي لڪير کان به هيٺ آهن، غريب ، غريب تر ۽ امير ، امير تر آهي“.  عمرانن خان چيو ته، ” مان اڄ اڳڪٿي ڪيان ٿو ته، جيڪڏهن پاسان پنهنجي ملڪ کي واپس اُن جي نظريي طرف نه وٺي وياسين جنهن لاءِ ملڪ قائم ٿيو هو، ياد رکو ته فوج ملڪ کي گڏ نه ٿي رکي سگهي، ملڪ کي عوام ئي گڏ رکندو آهي ڇو جو عوام هن رياست جو حصو بڻجڻ چاهي ٿي، رياست عوام جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪندي آهي.“  سندس چوڻ هو ته، ”رياست عوام کي انصاف ڏيندي آهي، تڏهن اوڀر پاڪستان جي ماڻهن  چيو ته اسان کي انصاف نه ملي رهيو آهي، انهن ۾ احساس محرومي پيدا ٿي وئي ۽ هنن چيو ته جيئن اولهه پاڪستان  جهڙي طاقت آهي اها اسان نه ملي رهي آهي.“

يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته، اسان اسڪولن ۾ ٻارن کي مديني جي رياست ۽ پاڪستان جي نظريي بابت ٻڌائينداسين ته گهٽ ۾ گهٽ ايندڙ نسلن کي دين جي حقيقي تعليم ڏئي سگهون، جيڪڏهن اسان پاڪستان ٺهڻ جي حقيقي مقصد جي باري ۾ نه پڙهائي سگهياسين ته اولهه ڪلچر جو مقابلو ڪرڻو ڏکيو هوندو، اسان کي نوجوانن کي ليڊر بڻائڻو آهي ۽ اهي تڏهن بڻجندا جڏهن ته مديني جي رياست جي اصولن ۽ تصور جي باري ۾ پڙهندا، ان مقصد لاءِ القادر يونيورسٽي ۾ ريسرچ ڪرائينداسين. عمران خان چيو پاڪستان جو نظريو پوئتي هليو ويو ته اوڀر پاڪستان ٽُٽو، ڀُٽو کانپوءِ جيڪي به حڪمران آيا اهي عوام جا خير خواهه بڻيا ۽ ويا ته لنڊن ۾ ملڪيتون هيون، حقيقت ۾ پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻجڻو هو، اڄوڪو اهو پاڪستان ناهي جيڪو بڻجڻ گهرجي ها، ملڪ ٺاهڻ لاءِ جيڪا سوچ هئي ان کي سياسي قيادت دفن ڪري ڇڏيو، نظريو ختم ٿئي ته قوم ئي ختم ٿي ويندي آهي، ملڪ کي فوج نه پر عوام متحد رکندو آهي.

سندس چوڻ هو ته علاما اقبال دين سان گڏوگڏ اولهه جا فلسفا پڙهيا، اتان جي اسڪالرن سان مليو، اوڀر جي شاعر جون 90 سال اڳ واريون ڳالهيون ۽ ڪلام ائين لڳندو آهي ڄڻ هو اڄ اسان لاءِ ڳالهيون ڪري رهيو آهي، ڇو ته کيس سائنس جي به خبر هئي، اڄ بدقسمتي سان گهڻي ڀاڱي سياستدانن کي پنهنجي لڳل آهي ته ڪٿان نه ڪٿان ترقياتي فنڊ ملي وڃن، اسان کي وڏي سوچ واري ليڊر جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته عبدالقادر جيلاني يونيورسٽي کي نمل جيان ٺاهينداسين، جيڪا عوام جو پئسو گڏ ڪري ٺاهي ويندي، ان يونيورسٽي لاءِ حڪومت فنڊ نه ڏيندي، هتي ذهين شاگردن کي داخلا ڏينداسين ۽ ميرٽ جي بنياد تي سڄي ملڪ مان شاگردن کي هتي آڻينداسين.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *