Saturday , April 27 2024

چونڊيل عوامي نمائندن سنڌ اسيمبلي جي ايوان کي آکاڙو بڻائي ڇڏيو

ڪراچي(رپورٽرسنڌسماءَچار) سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ميمبر پاڻ ۾ اَٽِڪي پيا، متحده ۽ پي ٽي آءِ ميمبرن جو متحده مجلس عمل جي ايم پي اي عبدالرشيد مٿان ايوان اندر حملي جي ڪوشش، هڪ ٻئي تي اُلرون، پ پ ميمبرز کيس بچائي ورتو، عوامي نمائندن سنڌ جي ايوان کي آکاڙو بڻائي ڇڏيو.سنڌ اسيمبلي  جي اجلاس دوران لياري مان چونڊيل ايم ايم اي جي ايم پي اي عبدالرشيد پاران اپوزيشن ليڊر ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فردوس شميم وچ ۾ ان وقت تڪرار ٿيو جڏهن مخالف ڌر جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي چيو ته 8 مهينا گذري چڪا آهن اڃا تائين اسٽينڊنگ ڪاميٽيون نه ٺهيون آهن، وڏي وزير کان پڇيو وڃي ته هو انهي معاملي ۾ رنڊڪون ڇو پيو وجھي؟. ان دوران ئي متحده مجلس عمل جو لياري مان چونڊيل ايم پي اي عبدالرشيد اٿي بيٺو؛ هن چيو ته هُو مخالف ڌر جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي جي رويي خلاف رٿ پيش ڪرڻ چاهي ٿو، هن ان لاءِ اسپيڪر کان اجزات به گهري، جنهن تي اسپيڪر آغا سراج دراني کيس چيو ته هن وقت سوالن جوابن وارو وقفو آهي اهُو مڪمل ٿي وڃي ان کانپوءِ اوهان ان معاملي تي ڳالهائجو ۽ بعد ۾ ئي فيصلو ڪيو ويندو ته اوهان جو مسئلو ڇا آهي.

عبدالرشيد جي اهڙي موقف تي اپوزيشن ميمبرز ڪاوڙجي پيا ۽ پنهنجين پنهنجين بئنچن وٽ ئي بيهي احتجاج ڪيو ۽ نعريبازي به ڪرڻ شروع ڪئي. مخالف ڌر جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي چيو ته مون کي رڳو پنج منٽ ڳالهائڻ جي اجازت ڏني وڃي، فردوس شميم جي ڳالهائڻ دوران صوبائي وزير امتياز شيخ ۽ ٻين حڪومتي ميمبرن اٿي بيهي چيو ته اجلاس ۾ سڀ کان پهريان سوال جواب هلندا، ان کانپُءِ ئي ٻي ڪا ڪارروائي يا ڪنهن کي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني وڃي. جنهن جي جواب ۾ اپوزيشن ليڊر فردوس شميم چيو ته جيڪڏهن هن ايوان کي هلائڻو آهي ته حڪومت کي مخالف ڌر سان ڳالهائڻو پوند، گذريل 8 مهينن کان چوندا ٿا اچون ته ون سائيڊيڊ رول نه هلي سگهندو. فردوس شميم چيو ته، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر جي لاڪر مانسون ۽ پئسا نڪتا آهن، هن اهي پنهنجي اثاثن ۾ ظاهر نه ڪيا هئا. جنهن تي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ ذاتي حملا ڪري رهيو آهي. جنهن بعد حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرز وچ ۾ تڪرار تيز ٿي ويو۽ مخالف ڌر جا ميمبر احتجاج ڪندي اسپيڪر جي ڊائيس آڏو پهچي ويا، مخالف ڌر سمورن ميمبرن ايوان ۾ لُڙ بکيڙو شروع ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي. اهڙي صورتحال سبب اجلاس جي ڪاروائي به هلڻ مشڪل ٿي وئي، صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو ته ڪنهن کي به زور زبردستي سان اجلاس تي حاوي ٿيڻ نه ڏينداسين.

گوڙ دوران ايم ايم اي ميمبر عبدالرشيد ۽ پي ٽي آءِ ميمبرن وچ ۾ جملن جي سخت ڏي وٺ ٿي، ان موقعي تي آغا سراج دراني چيو ته آئون ايوان جي قاعدن جي پوئواري ڪندس. جنهن تي فردوس شميم نقوي چيو ته بزنس ايڊوائزري ڪاميٽي، اسٽينڊنگ ڪاميٽين ۽ پي اي سي جي چيئرميني وارا مسئلا حل ناهن ٿيا، توهان جا وڏا به اسپيڪر رهيا آهن پر پيسا رڳو توهان جي لاڪر مان نڪتا آهن جنهن تي کيس اسپيڪر وراڻيو ته لاڪر مان نڪتل 100 سال پراڻو خانداني سون آهي. فردوس شميم نقوي پاران اسپيڪر تي تنقيد کانپوءِ حڪومتي ميمبر به بئينچن تان اٿي بيٺا ۽ چيو ته هي ايوان رولز موجب هلندو، ڪنهن جي به ڊڪٽيشن نه هلندي، اسپيڪر چيو ته مخالف ڌر وارا مون تي جيڪي حملا ڪريو پيا، اڳتي هلي الله تعاليٰ توهان کي پڄندو، اسپيڪر آغا سراج دراني سوالن جوابن جي ايجنڊا شروع ڪرائي، جنهن تي اپوزيشن ميمبر ڊائيس آڏو احتجاج ڪندا رهيا، ان موقعي تي اپوزيشن سان تعلق رکندڙ ميمبر عبدالرشيد اپوزيشن ليڊر فردوس شميم خلاف استحقاق جي رٿ پيش ڪندي چيو ته فردوس شميم گذريل ڏينهن منهنجي خلاف جيڪا ٻولي ڳالهائي آهي، ان سان منهنجي ۽ منهنجي پارٽي جو استحقاق مجروح ٿيو آهي، عبدالرشيد جي اهڙي رٿ دوران پي ٽي آءِ ، ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي جي ميمبرن اڳتي وڌي ايم ايم اي ميمبر کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، متحده جي محمد حسين سندس مائيڪ پڻ بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پي ٽي آءِ جا ميمبر بلال غفار ۽ عديل احمد وڙهڻ لاءِ اڳتي وڌيا، اهڙي صورتحال ۾ پ پ جي وزيرن ۽ ميمبرن باري پتافي، مڪيش چاولا، منور وساڻ، شرجيل ميمڻ اڳتي وڌي کيس بچائي ورتو، ان موقعي تي ايم ايم اي جي ميمبر پنهنجي تقرير جاري رکي، جڏهن ته پي ٽي آءِ ۽ متحده وارا مٿس الرون ڪندا رهيا ۽ پ پ وارا وري کيس بچائيندا رهيا، ان دوران اپوزيشن ميمبرن اسپيڪر خلاف نعري بازي ڪئي ۽ گو ڪرپشن گو جا نعرا هنيا، ان گوڙ ۽ هنگامي دوران ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو، اسپيڪر ايم ايم اي جي ميمبر عبدالرشيد جي رٿ تي مخالف ڌر جي اڳواڻ فردوس شميم خلاف غلام قادر چانڊيو، خواجه اظهار ۽ عارف مصطفيٰ جتوئي تي ٻڌل ڪاميٽي ٺاهي اجلاس اڄ جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *