Saturday , April 27 2024

ڪم ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي نيت نه ٿي لڳي،واپڊا نئن گاج ڊيم فوري طور اڏاوت ڪري:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ جي جج، جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته، ڪو ڪم ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي نيت ئي نه ٿي لڳي، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته سنڌ حڪومت سان آخر مسئلو ڪهڙو آهي؟ وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت پنهنجي پنهنجي حصي جي رقم واپڊا کي ڏين ۽ واپڊا فوري طور تي نئن گاج ڊيم جي اڏاوت وارو ڪم  فوري  طور تي شروع ڪيو وڃي. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ نئن گاج ڊيم جي اڏاوت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، سپريم ڪورٽ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کي حڪم  ڏنو آهي ته، اُهي پنهنجي پنهنجي حصي جي رقم فوري طور تي واپڊا جي حوالي ڪن، فنڊز جي فراهمي واري عمل جي نگراني لاءِ وفاقي پلاننگ ڊويزن کي ڪئي وئي آهي. عدالت پلاننگ ڊويزن ۽ سيڪريٽري آبپاشي سنڌ کان فنڊز جي فراهمي تي عملدرآمد رپورٽ ۽ عدالتي فيصلي تي قانون واري وزارت کان راءِ گهرڻ تي ڪابينا ڊويزن کان جواب طلب ڪري ورتو. سپريم ڪورٽ وفاقي ۽ سنڌ سرڪار تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

جسٽس گلزار احمد چيو ته برساتن جو سڄو پاڻي سمنڊ ۾ وڃي ضايع ٿي ويندو، لڳي ٿو سنڌ سرڪار کي 2010 واري ٻوڏ وسري وئي آهي، ٻوڏ ۾ پاڻي جو سڄو وهڪرو نئن گاج وٽ ئي هو، جسٽس گلزار احمد چيو ته سنڌ سرڪار جي ڪم ڪرڻ جي نيت ئي ناهي، سنڌ حڪومت چاهي ئي نه ٿي ته سنڌ صوبي ۾ ڪم ٿئي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران وفاقي حڪومت جي وڪيل، ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته، وفاقي سرڪار پنهنجي حصي جا فنڊز ڏيڻ تي راضي آهي، سنڌ حڪومت اڃا تائين فنڊز ڏيڻ بابت جواب ناهي ڏنو. جنهن تي جسٽس گلزار احمد چيو ته ڇا وفاق ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ ڪو رابطو ناهي؟ نئن گاج ڊيم لاءِ هر سال رقم مختص ٿيندي آهي، جيڪا ضايع ڪئي ويندي آهي، 30 سالن کان گاج ڊيم جو معاملو هلي رهيو آهي، عوامي مفادن جا ڪم هڪٻئي جي ڪلهن تي رکيا ويندا آهن، نيٺ سنڌ حڪومت سان مسئلو ڪهڙو آهي؟ سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *