Saturday , April 27 2024

اين ايف سي جو اجلاس 6 فيبروري تي ٿيندو، فيصلن ۾ سنڌ جي اڪيلي ٿيڻ جو امڪان

نويد قمر ۽ قيصر بنگالي کي اين ايف سي ۾ نمائندگي نه ڏيڻ سان سنڌ جي پوزيشن ڪمزور

آئيني طور اين ايف سي مان صوبن جو حصو نه ٿو گهٽائي سگهجي، وفاق ٽڪسازي جي ڪوشش ڪندو

اسلام آباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) نيشنل فنانس ڪميشن ( اين ايف سي) جي نئين سر جوڙجڪ ٿيڻ کانپوءِ پهريون اجلاس فيبروري جي پهرئين هفتي ۾ سڏايو ويو آهي، سنڌ جو نمائندو اسد علي سيد پهريون ڀيرو سنڌ جي خانگي ميمبر طور نمائندگي ڪندو، امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اين ايف سي جي اجلاس دوران فيصلن ۾ سنڌ کي فيصلا ڪرائڻ ۾ اڪيلو ٿي وڃڻو پوي. وفاقي حڪومت نئين مالياتي ايوارڊ لاءِ سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون آهن، ناڻي واري وزير اسد عمر اين في سي جو پهريون اجلاس 6هين فيبروري تي سڏائي ورتو آهي. اجلاس ۾ سنڌ سميت چئني صوبن جا وڏا وزيري، ناڻي کاتي جي چئني صوبن جا وزير، صوبن پاران مقرر ڪيل خانگي / پرائيويٽ ميمبرز، ناڻي واري وفاقي وزرت جو سيڪريٽري ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار اجلاس ۾ شرڪت ڪندا.

اجلاس ۾ فاٽا لاءِ 3 سيڪڙو فنڊ صوبن کان وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. اجلاس ۾ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ قومي ناڻي جي تقسيم بابت تجويزن تي غور ڪيو ويندو. نائين اين ايف سي ڪميشن جي طلب ٿيل اجلاس ۾ ملڪ جي مالياتي صورتحال تي وفاق ۽ صوبن پاران بريفنگ ڏني ويندي، اجلاس ۾ قومي وسيلن ۾ وفاق ۽ صوبن جي حصي بابت فارمولي تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي، قومي وسيلن جي بهتر تقسيم جو نئون فارمولو تيار ڪرڻ لاءِ تجويزن ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي به رايا ورتا ويندا. وفاقي حڪومت پاران نئين اين ايف سي ايوارڊ ڏيڻ لاءِ اين ايف سي ڪميشن جي اجلاسن ۾ فاٽا کي 3 سيڪڙو حصو ڏيارڻ لاءِ ڪيس پيش ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي، ذريعن مطابق فاٽا کي ڪي پي ڪي ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ٺاهيل سڌارن جي پيڪيج ۾ اهو تجويز ڪيو ويو هو ته فاٽا جي ترقي لاءِ فاٽا کي اين ايف سي ۾ 3 سيڪڙو حصو ڏنو وڃي. اهڙي تجويز جي روشني ۾ وفاقي حڪومت اين ايف سي ايوارڊ جي تياري لاءِ اجلاسن دوران فاٽا کي اين ايف سي مان حصو ڏيارڻ جو ڪيس پيش ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو آهي. ان لاءِ ناڻي وزير اسد عمر پنهنجي ٽيم کي مڪمل تيار ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي.

ناڻي واري وزارت جي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق آئين جي آرٽيڪل 160 جي شق 3 اي تحت صوبن جو موجوده اين ايف سي ايوارڊ ۾ طئي ٿيل حصي کان نئين اين ايف سي ايوارڊ ۾ حصو گهٽ ڪري نه ٿو سگهجي. ان آئيني پابندي کي سامهون رکي وفاقي حڪومت پاران فاٽا کي 3 سيڪڙو حصو ڏيارڻ لاءِ نئون رستو تجويز ڪيو ويندو. جنهن تحت فاٽا کي مجموعي رقم مان پهريان 3 سيڪڙو حصو ڏئي ان بعد باقي رقم کي ورڇ جوڳي پول ۾ شامل ڪري ان رقم جي تقسيم ڪرڻ جي تجويز ڏني ويندي، ان طريقي سان اصولي ۽ ظاهري طور تي صوبن کي ڪل وسيلن مان ملندڙ حصو گهٽ ٿيندو.

سنڌ حڪومت اھم تجربيڪار ٻن ماڻھن کي ميمبر ڪرائڻ جي حوالي سان نظرانداز ڪري ڇڏيو

سنڌ حڪومت اين ايف سي ڪميشن ۾ سنڌ جي موثر نمائندگي ڪرڻ جي اهليت رکندڙ ٻن اهم تجربيڪار ماڻهن کي اين ايف سي ميمبر مقرر ڪرڻ جي حوالي سان نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي، ناڻي جي اڳوڻي وفاقي وزير نويد قمر کي ناڻي معاملن سوڌو سياسي، پارلياماني، آئيني ۽ قانوني معاملن جي به چڱي ريت معلومات آهي. جيڪڏهن ان کي اين ايف سي ڪميشن ۾ ميمبر مقرر ٿئي ها ته اهو موثر ڪردار ادا ڪري سگهي پيو. اين ايف سي ڪميشن ۾ ماضي ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ قيصر بنگالي کي به اين ايف سي ۾ ميمبر مقرر ڪرڻ جي حوالي سان نظر انداز ڪيو ويو. قيصر بنگالي گذريل اين ايف سي ڪميشن ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪئي هئي. اهي ٻئي اين ايف سي ايوارڊ جي جوڙ جڪ، مالي معاملن جي طريقيڪار سوڌو معاملن جي ڄاڻ رکن ٿا، جيڪي به سنڌ جي موثر نمائندگي ڪري پئي سگهيا.

صوبن ۽ وفاق وچ ۾ قومي وسيلن جي تقسيم لاءِ آئين جي آرٽيڪل 160 جي روشني ۾ اين ايف سي ڪميشن جوڙي وئي آهي، آئين جي آرٽيڪل 160 جي شق 3 اي تحت وفاقي حڪومت کي پراڻي اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جي طئي ٿيل حصي کان نئين اين ايف سي ايوارڊ ۾ حصو گهٽ نه ڪرڻ جو پابند بڻايو ويو آهي. اين ايف سي ڪميشن ۾ پنجاب، ڪي پي ڪي صوبن جا ميمبر وفاق ۾ حڪمران جماعت پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ آهن، جڏهن ته اڻ سڌي طرح بلوچستان صوبي جي حڪومت به وفاقي سرڪار جي اتحادي حڪومت آهي، ان حساب سان نئين اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جي حصي گهٽجڻ جي حوالي سان موثر طور تي آواز بلند ڪندڙ اڪيلي سنڌ حڪومت رهجي وڃي ٿي، جنهن جو وفاقي حڪمران جماعت سان تعلق ناهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *