Saturday , April 27 2024

ٽي ايل پي جي ڪارڪن خلاف ڪريڪ ڊائون، ايف آءِ اي ۽ گهرو وزارت به مدد ڪندي

اسلام آباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرن ۽ ڌرڙن دوران ڀڃ ڊاهه ڪرڻ، ملڪيتن ۽ گاڏين کي باهيون ڏيڻ توڙي شهرين تي تشدد وارن واقعن ۾ ملوث ماڻهن خلاف وڏي پئماني تي ڪريڪ ڊائون جو حتمي فيصلو ڪيو ويو آهي. مملڪتي وزير شهريار آفريدي ايف آءِ اي، پوليس، موٽر وي پوليس ۽ ٽريفڪ پوليس کي هدايتون جاري ڪندي صوبائي حڪومتن کي به خط لکي ڇڏيو آهي. وفاقي حڪومت پهرين ۽ ٻي نومبر تي ڀڃ ڊاهه ڪندڙن، سرڪاري ۽ نجي هنڌن کي نقصن پهچائيندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي. گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير شهريار آفريدي جي صدارت هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ تازو سڄي ملڪ اندر ٿيل احتجاجي مظاهرن ۽ ڌرڻن دوران ٿيل ڀڃ ڊاهه، وڳوڙن، نجي ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ توڙي عام شهرين تي تشدد جي واقعن وارن معاملن تي ويچاريو ويو. اجلاس ۾ مواصلات واري مملڪتي وزير مراد سعيد، وزيراعظم جي خاص مددگار افتخار دراني، ايف آءِ اي، پي ٽي اي ۽ ٽريفڪ پوليس جي سينيئر اختيارين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته احتجاجن ۽ ڌرڻن دوران ڀڃ ڊاهه سميت وڳوڙن ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائيون ڪيون وينديون، ڪيسز داخل ڪرڻ سميت جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ ڪارروايون ڪيون وينديون. وفاقي وزير ايف آءِ اي، ايف آءِ اي، نادرا ۽ پي ٽي اي سميت لاڳاپيل اختيارين کان تفصيل طلب ڪندي کين هدايت ڪئي وئي آهي ته، سمورن وڳوڙين جي سڃاڻپ ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪيا وڃن ۽ انهن جي گرفتارين لاءِ لاڳاپيل اختيارين کان مدد ورتي وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، گهرو وزارت سمورن صوبن جي لاڳاپيل اختيارين سان لک پڙهه به ڪري ڇڏي آهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ملوث ماڻهن جي گرفتارين لاءِ وفاقي گهرو وزارت به ان سلسلي ۾ پوليس ۽ ٻين ادارن سان لاڳيتو رابطي ۾ رهندي ۽ انهن جي هر طرح جي مدد ڪندي. اجلاس دوران ڳالهائيندي مملڪتي وزير شهريار آفريدي چيو ته ڀڃ ڊاهه ڪندڙن محنت سان حاصل ڪيل جاين کي بي دردي سان برباد ڪيو، نقصان پهچائيندڙن کي ڪا رعايت نه ڏني ويندي. هن عوام کي اپيل ڪئي ته شرپسندن جي سڃاڻپ ۽ گرفتارين جي سلسلي ۾ سهڪار ڪيو وڃي. گهرو وزارت شرپسندن خلاف ڪارروائي لاءِ چئني صوبن کي خط به موڪلي ڇڏيو. هڪ نوٽيفڪيشن ذريعي متاثر شهرين کي چيو ويو آهي ته 5 نومبر جي شام تائين حڪومت کي تفصيلن بابت آگاهه ڪيو وڃي. وفاقي حڪومت جي هدايت جي روشني ۾ پنجاب جي گهرو کاتي ۾ سيل قائم ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڪراچي، اسلام آباد، لاهور، راولپنڊي، نوابشاهه سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ وڳوڙين خلاف ڪيسز داخل ڪيا ويا آحن، جيڪو سلسلو جاري آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *