Sunday , April 28 2024

لاڙڪاڻي ۾ هڪ ٻئي جانور صفت هٿان گلاب جو گل مبينا طور وحشت جو نشانو بڻجي وئي، وحشي گرفتار

باقراڻي(رپورٽر سنڌسماءَچار)  لاڙڪاڻي جي باقراڻي واري علائقي ۾ هڪ وحشي صفت شخص پهرين درجي جي شاگردياڻي کي پنهنجي وحشت جو نشانو بڻائي ڇڏيو، نياڻي بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال داخل، پوليس وحشي شاهد ابڙو کي گرفتار ڪري ورتو آهي. لاڙڪاڻي جي باقراڻي شهر ويجهو ڳوٺ قيصر ابڙو ۾ وحشي صفت شاهد ابڙو نالي جوابدار جوابدر پهرين درجين  جي شاگردياڻي ” الف“ کي شئي وٺي ڏيڻ جي بهاني دوڪان ۾ بند ڪري مبينا طور وحشت جون نشانو بڻايو. پوليس اطلاع ملڻ تي تڪڙي ڪارروائي ڪندي جوابدار شاهد ابڙو کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته، نياڻي کي بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال داخل ڪرايو آهي. پوليس موجب جوابدار شاهد ابڙو کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ۾ بند ڪيو ويو آهي. قانوني گهرج جي پورائي لاءِ نياڻي ”الف“ جي ميڊيڪل رپورٽ ملڻ شرط ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي، ابتدائي طور تي اين سي داخل ڪري ڇڏي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *