Sunday , April 28 2024

نادرا چيئرمين ۽ سنڌ جا ڪرپٽ حڪمران بنگالين، بهارين، افغانين جا سهولتڪار بڻيل آهن: جلال محمود شاهه

ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) ايس يو پي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه سنڌ جي حڪمرانن سميت نادرا کي بنگالين، بهارين، افغانين جا سهولتڪار بڻيل قرار ڏيندي چيو آهي ته، غير قانوني پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ خلاف سنڌ واسي 17 کان 19 اپريل تائين نادرا سينٽر ڪورنگي آڏو احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪن. جلال محمود شاهه چيو آهي ته، حمڪرانن سميت غير قانوني پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرائڻ جي حمايتن کي ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ اسان جو مادر وطن آهي ۽ سڀ کان پهريان اسان کي سنڌ جا مفاد عظيم آهن. سنڌ جا وزير پيا چون ته مستقل بنيادن تي ڌارين کي سنڌ ۾ آباد ڪنداسين پر کين ياد رکڻ گهرجي ته جيسيتائين سنڌ جو هڪ به باشعور فرد زنده آهي ائين ڪڏهن به  ٿيڻ نه ڏينداسين. سپريم ڪورٽ پهنجي فيصلي ۾ چئي چڪي آهي ته سنڌ ۾ موجود ڌاريا هتان جي وسيلن تي بار آهن ۽ انهن جي هجڻ سان هڪ ته مقامي ماڻهن جو استحصال ٿئي ٿو ته ٻئي پاسي ڏوهن ۾ پڻ واڌارو ٿئي ٿو. اسان سنڌ هاءِ ڪورٽ، سپريم ڪورٽ سميت سمورن صوبائي توڙي وفاقي ادارن کان هڪ دفعو وري اهو مطالبو ٿا ڪريون ته بنگالين، برمين، افغانين کي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ واري عمل جو نوٽيس وٺن. جلال محمود شاهه سنڌ دوست ڌرين خاص طور تي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ رهندڙ سمورن سنڌين ۽ سنڌ دوست ڌرين کي اپلي ڪئي آهي ته، ڌارين کي شگريت ڏيڻ خلاف 17 کان 19 اپريل تائي رٿيل احتجاجي تحريڪ ۾ شريڪ ٿي سنڌ دوستي جو ثبوت ڏين.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *