
ڪنڌڪوٽ ( سنڌسماءَچار مان يٽرن نگ ڊيسڪ) شادي جي ڪاڄ تان واپس ايندڙ گهر ڀاتين سان جيءُ جهوريندڙ حادثو، ڪار جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار زال مڙس ٻن ٻارڙن سوڌو فوت. انڊس هاءِ وي تي تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ زوردر ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار 4 گهر ڀاتي فوت ٿي ويا، فوتين ۾ جلال ميراڻي سندس گهروارِي زينب خاتون، معصوم پٽ سليم ۽ ڌيءُ لالي ميراڻي شامل آهن، فوتين جا مڙهه اسپتال منتقل ڪري ضروري قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، فوتين جا مڙهه گهر پهچڻ تي روڄ راڙُ پئجي ويو.
سنڌسماءَچار