Sunday , June 15 2025
Breaking News

ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي حادثو، 4 ڄڻا فوت، 11 مسافر ڦٽجي پيا

سکر(رپورٽر   سنڌسماءَچار) ٻٻرلوءِ باءَ پاس وٽ ڪار ۽ ويگن ۾ ٽڪر عورتن سوڌو چار ڄڻا اجل جو شڪار، 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا، فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي سر سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، مڙهه وارثن حوالي ، زخمين جو علاج هلندڙ آهي. ٻٻرلوءِ ۽ سکر باءِ پاس قومي شاهراهه تي سکر سينٽرل جيل ويجهو ڪار ۽ وين ٽڪر ٿين  پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، عورتن ۽ ٻارن سميت11 زخمي ٿي پيا آهن، فوتين ۾ مسمات زنيرا، مسمات شبانا آرائين، محمد جميل ۽ حفيظ شاهه شامل آهن، جن جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال سکر منتقل ڪيو ويو. اسپتال ۾ قانوني ڪارروائي کانپوءِ فوتين جا مڙهه ارثن حوالي ڪيا ويا جن کي وارث اباڻن علائقن ڏانهن کڻائي ويا آهن. اسپتال ۾ داخل ڪيل زخمينجو علاج هلندڙ آهي، جن مان ڪجهه جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. حادثي جو شڪار ٿي ويل وين خيرپور کان سکر وڃي رهي هئي.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *