وفاقي ڪابينا اڳوڻي آرمي چيف جنرل رٽائرڊ راحيل شريف کي اين او سي جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) ماضي ۾ نون ليگ جي حڪومت دوران پاڪ فوج جي اڳوڻي سربراهه آرمي چيف جنرل (ر) راحيل شريف کي اسلامي ملڪن جي فوجي اتحاد جو سربراهه ٿيڻ لاءِ اين او سي ڏيڻ واري معاملي جي سخت مخالفت ڪندڙ پي ٽي آءِ جي حڪومت اين او سي جاري ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم عمران خان جي منظوري سان وفاقي ڪابينا پاڪ فوج جي اڳوڻي سربراهه / آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي پرڏيهه ۾ نوڪري جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، ميڊيا رپورٽس مطابق وفاقي ڪابينا جي گذريل اجلاس ۾ آرمي چيف، جنرل رٽائرڊ راحيل شريف کي اسلامي ملڪن جي فوجي اتحاد جي سربراهه ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا جنرل راحيل شريف کي سعودي عرب ۾ نوڪري جي اجازت ڏني آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته وفاقي ڪابينا گذريل هفتي ٿيندڙ اجلاس ۾ جنرل راحيل شريف کي اين او سي جي منظوري ڏني. ڪابينا ذريعن موجب جنرل راحيل شريف کي اين او سي سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي ڏني وئي آهي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ حڪومت کي ان حوالي سان فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو. ان سلسلي ۾ اڃا تائين وفاقي حڪومت پاران ميڊيا تي هلندڙ اهڙين خبرن جا ڪا به تريد يا تصديق ناهي ڪئي وئي.

About Asghar Azad

Check Also

آءِ بي اي سکر – ايس ٽي ايس بااعتماد ادارا، خدشا ۽ مختصر صلاح-اصغر آزاد

آءِ بي اي سکر – ايس ٽي ايس بااعتماد ادارا، خدشا ۽ مختصر صلاح-اصغر آزاد …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *