“نصرت سحر عباسي ڏانئڻ آهي”: پ پ ايم پي اي منور وساڻ

ڪراچي (رپورٽر  سنڌسماءَچار) پيپلز پارٽي جي ايم پي اي منور علي وساڻ چيو آهي ته، ”هي جيڪا نصرت سحر عباسي آهي، اُها ڏانئڻ آهي“. سنڌ اسيمبلي  جي اجلاس کانپوءِ ايوان کان ٻاهر ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ ايم پي اي منور علي وساڻ، جي ڊي اي جي عورت ايم پي اي نصرت سحر کي ”ڏانئڻ“ سڏيندي چيو ته هن ڏانئڻ رمشا معاملي تي به منظور وساڻ خلاف پئسا وٺي پروپئگنڊا ڪري رهي آهي. هو نواب وساڻ کي نااهل ڪرائڻ جي به سازش ڪري رهيا آهن ۽ رمشا معاملي تي به پئسا ڏئي پروپئگنڊا ڪرائي آهي. هي منظُر وساڻ خلاف واويلا ڪرائي ووٽرن کي بدظن ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن،، پر ان ۾ کين ناڪامي نصيب ٿيندي.

About Asghar Azad

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *