لاڙڪاڻو: سيشن جج جو چانڊاڪا اسپتال تي ڇاپو، مريضن جون سهولتن جي کوٽ خلاف دانهو

لاڙڪاڻو: سيشن ڪورٽ جي جج چانڊڪا اسپتال جي دوري دوران صفائي نه هجڻ، مريضن کي دوائون نه ملڻ ۽ ڊاڪٽرن جي غير حاضري تي انتظاميا کي ڇنڊ پٽيندي انتظام بهتر ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. سيشن ڪورٽ جي جج عبدالغفور ڪلهوڙو چانڊڪا اسپتال جو دورو ڪري انتظامن جو جائزو ورتو ۽ اسپتال ۾ داخل مريضن کان مسئلا معلوم ڪيا. اسپتال ۾ موجود مريضن پاران جج آڏو دوائون نه ملڻ سميت ٻيون سهولتون نه هجڻ جون شڪايتون ڪيون. ان موقعي تي سيشن ڪورٽ جي جج اسپتال ۾ صفائي جو انتظام نه هجڻ، مريضن کي دوائون نه ملڻ ۽ ڊاڪٽرن جي غير حاضري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي انتظاميا کي سخت ڇنڊ پٽي ۽ انتظام بهتر ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

About Asghar Azad

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *