عدالتي حڪمن خلاف لکي غلام شاهه ۾ جرڳو، نوجوان ڪارو قرار

عدالتي حڪمن خلاف لکي غلام شاهه ۾ جرڳو، نوجوان ڪارو قرار

نوجوان تي 6 لک ڏنڊ ۽ پوليس ۽ جرڳائي وڏيرن لاءِ 50/50 هزار ڌار ڏيڻ جي فتويٰ

جرڳن تي عدالتي پابندي باوجود سنڌ ۾ لاڳيتو جرڳن جو سلسلو جاري آهي، لکي غلام شاهه ۾ جرڳائي وڏيرن غلام مصطفيٰ ٽانوري ۽ حافظ يعقوب ٽانوري جي سرپئنچي ۾ ڪارنهن معاملي جو جرڳو ڪيو ويو. ڳوٺ ٻير ۾ ٿيل جرڳي ۾ ميان صاحب واسي عبدالرحمان ٽانوري کي ڳوٺ عيسو ٽانوري جي رهواسڻ عورت سان ڪارو قرار ڏنو ويو. جرڳي ۾ نوجوان کي ڪارو قرار ڏيڻ جي فتويٰ جاري ڪري مٿس 6 لک رپيا ڏنڊ مقرر  ڪيو  ويو. جرڳي بعد الزام هيٺ آيل نوجوان واري ڌر تي ڏنڊ جي رقم کانسواءِ 50 هزار رپيا پوليس خرچ ۽ 50 هزار رپيا جرڳائين جي پڳ طور ادا ڪرڻ جو به نادرشاهي هڪم ٻڌايو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

”پريا ڪماري جي ويجهو پهتا آهيون“،سنڌ حڪومت جون دعوائون ڪوڙيون ثابت

  ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) سنگرار مان اغوا ٿيل معصوم نياڻي پرياڪماريءَ جي آزادي/ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *