صوبائي وزير ناصر شاهه جي به ٻڌو! اسلام آباد ۽ ٿر برابر آهن
Asghar Azad
October 3, 2018
سنڌ
1,240 Views

اسلام آباد( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) سنڌ سرڪار ٿر کي ڏڪار سٽيل قرار ڏئي چڪي آهي، ان باوجود به صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته، ٿر ۽ اسلام آباد ۾ فرق نه آهي. ناصر شاهه اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته، ٻارن جي فوتگين واري معاملي ۾ اسلام آباد ۽ ٿر ۾ ساڳئي شرح ساڳئي آهي، جيترا ٻار اسلام ۾ فوت ٿين ٿا اوترا ئي اسلام آباد ۾ به مرن ٿا. ناصر شاهه پنهنجي موقف جي حمايت ۾ دليل ڏيندي چيو ته، سنڌ سرڪار جيترا ترقياتي ڪم ٿر ۾ ڪرايا آهن اوترا تاريخ ۾ ڪڏهن به ناهن ٿيا ۽ نه ئي ڪنهن حڪومت اوترو ٿر تي ڌيان ڏنو جيترو پيپلز پارٽي جي حڪومت ٿر تي توجهه ڏني آهي. ناصر شاهه چيو ته، اوهان وڃي ڏسو اسان ٿر ۾ ڪيترا ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، اسپتالون اپگريڊ ڪري انهن ۾ جديد سهولتون مهيا ڪيون آهن. ٿر ۾ وڃي ڏسو اتي ڪهڙيون ڪهڙيون سهولتون ڏنيون ويون آهن. سندس چوڻ هو ته ٿر ۾ ٻارن جي موت جي شرح اسلام آباد جي برابر آهي، ٿر ۾ جيترا ٻار فوت ٿيندا آهن، اسلام آباد ۾ به ايترا ئي ٻار فوت ٿين ٿا.