سيشن ڪورٽ سکر جي احاطي اندر فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ٻيو ڦٽجي پيو

سکر (رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ سکر جي احاطي اندر ڇنڇر ڏينهن صبح جو جوابدارن اوچتو فائرنگ ڪري هڪ ڄڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، هٿياربندن ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب، هڪ جوابدار گرفتار. سيشن ڪورٽ سکر جي احاطي اندر هٿياربندن ان وقت اوچتو فائرنگ ڪري ڏني جڏهن صالح پٽ جي رهواسين وچ ۾ زمين جي تڪرار جو ڪيس جي شنوائي ٿيڻ واري هئي ۽ پوليس ان ڪيس ۾ گرفتار ڪيل هڪ جوابدار مصري شاهه کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ وٺي وڃي رهي هئي. ان دوران مخالف ڌر جي جوابدار جندل شاهه فائرنگ ڪري جندل شاهه کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس تڪڙي ڪارروائي ڪندي فائرنگ ڪندڙ جوابدار جندل شاهه کي ٻڌي ورتو.فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو زم،ين جي مالڪي جو نتيجو آهي، ٻنهي ڌرين ۾ تڪرار هلندڙ آهي.

About Asghar Azad

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *