ڳڙهي خيرو(رپورٽر سنڌسماءَچار) ڳوٺ دائود جهانپور ۾ جوابدار پاران 8 سالن جي معصوم نينگري سان مبينا زيادتي جي ڪوشش دوران ٻارڙي جي دانهن تي علائقي واسي پهچي ويا، جن جوابدار بابو ميرالي کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. معاملي جو اڃا تائين ڪيس داخل ناهي ٿيو. ڳوٺ دائود جهانپور ۾ 8 سالن جي نينگري زينت ميرالي سان هڪ جوابدار بابو ميرالي پاران زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن تي معصوم نينگري دانهون ڪيون. نينگري جي دانهن تي پاڙيوارا گڏي ٿي ويا، جن نينگري کي بچائي مبينا جوابدار بابو ميرالي کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس جوابدار خلاف ڪيس داخل نه پئي ڪري ۽ ڪارروائي کان لنوائي رهي آهي، جنهن جو نوٽيس ورتو وڃي.
Check Also
ڪارونجهر بابت سنڌ حڪومت جا سمورا فيصلا رد، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو تاريخي حڪم
سنڌ جي تاريخي ماڳ ڪارونجهر بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو هڪ ٻيو تاريخي فيصلو ڪراچي …