ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) گلستان جوهر واري علائقي ۾ سنڌي وسندي مدو ڳوٺ ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، واقعي وقت موجود پوليس اهلڪار خاموش تماشائي بڻيل رهيل، علائقي ۾ ڊڄ وارو ماحول ڇانيل رهيو. گلستان جوهر واري علائقي ۾ قائم قديمي سنڌي آبادي مدو ڳوٺ ۾ پلي ۽ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ گاڏين جي پارڪنگ واري معاملي تان ڏند چڪ ۽ تکو مٺو ڳالهائڻ دوران تڪرار تيز ٿي ويو، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ڌرين ۾ تڪرار تان ٻنهي ڌرين جي ماڻهن هڪ ٻئي تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ ڌر جو هارون پلي گوليون لڳڻ سبب ٿڏي تي مارجي ويو ۽ ٻي ڌر جي حفيظ چانڊيو سميت ٻنهي ڌرين جا ٽي ڄڻا گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ ڦٽجي پيا. ڇنڇر تي صبح جو ٿيل تڪرار ۽ هڪ ڄڻي جي قتل کانپوءِ مدو ڳوٺ ۾ رات دير تائين ڇڪتاڻ، ڊڄ ۽ ڀؤ واري صورتحال برقرار آهي.
Check Also
سنڌ ڪابينا جو ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت عدالتي حڪم جي ابتڙ منظوري
سنڌ ڪابينا،ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪيو، …