Thursday , July 18 2024

ڪي پي ڪي سان واسطو رکندڙ رقيب خان ارسا جون نئون چيئرمين مقرر

ارسا چيئرمين شيرزمان خان جي چيئرمين شپ جو مدو ختم، رقيب خان نئون چيئرمين مقرر

اسلام آباد(رپورٽر   سنڌسماءَچار) انڊس رور سسٽم اٿارٽي (ارسا ) و چيئرمين شيرزمان جو مدو ختم ٿي ويو، خيبرپختونخوا سان واسطو رکندڙ رقيب خان نئون چيرمين مقرر، چارج به وٺي ڇڏي. بلوچستان سان واسطو رکندڙ ارسا جي چيئرمين شيرزمان خان جي چيئرمين شپ جو مدو 18هين آڪٽوبر تي ختم ٿي ويو هو، جنهن بعد ڪي پي ڪي سان واسطو رکندڙ رقيب خان کي ارسا جو نئون چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي. رقيب خان ارسا جي چيئرمين طور عهدي جي چارج به سنڀالي ورتي آهي. بلوچستان سان واسطو رکندڙ شيرزان خان ويندي ويندي تڪراري چشما جهلم لنڪ ڪئنال تي بجلي گهر اڏڻ لاءِ اين او سي به جاري ڪري ويو هو، جنهن جي سنڌ پاران سخت مخالفت ڪئي وئي هئي.

About Asghar Azad

Check Also

افغاني وڌيڪ هڪ سال پاڪستان ۾ ئي رهندا: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) پاڪستان ۾ رهندڙ افغانين جي مُدي ۾ وڌيڪ هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *