ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌ سمساءَچار) ڪراچي جي ڪورنگي ڪراسنگ واري علائقي ۾ چار ماڙ رهائشي عمارت ڪرڻ جي نتيجي ۾ ٻن ٻارڙين سميت 4 کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته دٻجي فوت ٿيل ٻن ٻارڙين جا لاش ڪڍيا ويا آهن، عمارت اندر 6 کان وڌيڪ خاندان رهندڙ هئا، ريسڪيو ٽيمن جو چوڻ آهي ته ڪريل عمارت جي ڍير مان 8 کان وڌيڪ زخمين کي ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ڪورنگي جي الله والا ٽائون ۾ چار ماڙ رهائشي عمارت اوچتو ڪري پئي، عمارت ڪرڻ جي اطلاع تي سڀ کان پهريان علائقي واسي واقعي واري هنڌ پهتا، جنهن بعد ريسيڪو ٽيمون ڪريل عمارت واري هنڌ پهتيون. علائقي واسين دعويٰ ڪئي آهي ته عمارت ڪرڻ جي نتيجي ۾ هيل تائين 2 کان وڌيڪ ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا آهن،جن ۾ 2 ٻارڙيون شامل آهن. علائقي واسين موجب ريسڪيو ٽيمن 8 کان وڌيڪ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو آهي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته عمارت جي ملبي ۾ 20کان وڌيڪ ماڻهو اڃا به دٻيل آهن، عمارت اندر 6 کان وڌيڪ ڪٽنب رهندا هئا.
Check Also
ڪارونجهر بابت سنڌ حڪومت جا سمورا فيصلا رد، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو تاريخي حڪم
سنڌ جي تاريخي ماڳ ڪارونجهر بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو هڪ ٻيو تاريخي فيصلو ڪراچي …