ڪمند جو اگهه مقرر نه ٿيو، شگر ملز چالو ٿيڻ بابت پاليسي واضع نه ٿي
Asghar Azad
October 17, 2018
سنڌ
2,118 Views
ڪراچي( رپورٽ:اصغر آزاد سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ ڪمند جو في مڻ سرڪاري اگهه مقرر نه ٿي سگهيو، شگرملز به چمنيون نه ٻاريو، آبادگار ٻڌتر جو شڪار، ڪمند جي واڍي ن ه ٿيڻ ڪري ڪڻڪ جي پوکي سخت متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي. تفصيل مطابق سنڌ حڪومت آڪٽوبر مهينو شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي ڪمند جو سرڪاري اگهه مقرر ٿيڻ ۽ شگرملز کي چمنيون ٻارڙن لاءِ تياري ڪرڻ بابت سنڌ حڪومت ڪي به اپاءَ نه ورتا جنهن جي نتيجي ۾ ڪمند جي واڍي ۽ ڪڻڪ جي پوکي وارو عمل سخت متاثر ٿي رهيو آهي. سنڌ ۾ هميشه وانگر شگر ملز مالڪن ۽ زراعت کاتي پاران ملز چالو ڪرڻ لاءِ اڃا تائين ڪي به قدم ناهن کنيا ويا. ان سلسلي ۾ زراعت کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته، ڪمند جي پيڙهائي لاءِ موجود قانون مطابق پهرين آڪٽوبر يا آڪٽوبر جي پهرين هفتي دوران ئي شگر ملز جون چمنيون ٻارڙيون لازمي آهن. ان بابت وڌيڪ فيصلو زراعت کاتي جي وزير ۽ سيڪريٽري پاران ڪرڻو هوندو آهي، جنهن ۾ ڪين ڪمشنر سميت لاڳاپيل اختيارين کي طئه ڪرڻو آهي. زراعت کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته هن ڀيري به گزريل ڪجهه سالن جيان اڃا تائين ڪمند جو في مڻ سرڪاري اگهه مقرر ناهي ڪيو، جيڪو عمل هن سال به وڏي بحران کي جنم ڏيندو. ان سلسلي ۾ جڏهن زراعت کاتي جي صوبائي وزير اسماعيل راهو ۽ سيڪريٽري آغا ظهيرالدين سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي ته ٻنهي ڄڻن بابت اهو چيو ويو ته، اهي ميٽنگ ۾ ويل آهن. جنهن ڪري سرڪاري موقف ملي ناهي سگهيو.