ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار) ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي، جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي برطرفي خلاف عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ جنرل ڪائونسل جو اجلاس ڪيو ويو، وڪيل اڳواڻن جو چوڻ آهي هو ته، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سينئر جج، جسٽس شوڪت صديقي جي برطرفي وارو عدالتي فيصلي تي افسوسناڪ عمل آهي، سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو فيصلو ڪرڻ کان اڳ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل نه ڪيو ويو. ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر حيدر امام رضوي ۽ ٻين بار جي جنرل باڊي کي خطاب ڪندي چيو ته، جسٽس شوڪت صديقي جي درخواست تي سندس ڪيس اوپن ٽرائل ڪورٽ ۾ هلائڻ تي فيصلو نه ٿيو. هڪ آمر سان مقابلي لاءِ چيف جسٽس افتخار احمد چوڌري سان گڏ وڪيلن به سندس ساٿ ڏنو هو ۽ هو هميشه مظلومن جو ساٿ ڏيندا رهندا. اڳواڻن جو چوڻ هو ته وڪيل هميشه ظلم جو شڪار هوندا آهن، جڏهن به عدليا تي ڪا پريشاني ايندي آهي ته وڪيل سڀ کان اڳيان هوندا آهن. وڪيل اڳواڻن مطالبو ڪيو ته جسٽس شوڪت صديقي جو بيان غير معمولي هو، سندس بيان جي جاچ ڪرائي کيس بحال ڪيو وڃي.
Check Also
شهيدن جو وارث سڏائيندڙ بلاول ڀٽو زرداري، شهيد فاطمه ڦرڙو جي وارثن سان تعزيت به نه ڪئي
“خيرپور جا سمورا جيلاني پير، پير اسد شاهه جي پاسي بيٺل آهن، اندروني طور اليڪشن …