نوابشاهه( مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌ سماءَچار) محرابپور ۾ ڪجهه مهينا اڳ شهيد ڪيل ڪي ٽي اين نيوز ۽ روزاني ڪاوش جي رپورٽر عزيز ميمڻ جو قتل ثابت ٿي ويو آهي، 3 جوابدار گرفتار، هڪ جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪري روتو. شهيد عزيز ميمڻ جي قتل ڪيس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي سربراهه ايڊيشنل آءِ جي غلام نبي ميمڻ نوابشاهه ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ، شهيد عزيز ميمڻ جي قتل ۾ ملوث ٽن جوابدارن نذير سهتو، فرحان عرف ڪارو ۽ امير عرف اميرو سهتو کي گرفتار ڪيو آهي، جوابدار نذير سهتو قتل جو اعتراف ڪيو آهي، شهيد جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار ۽ ماسٽر مائينڊ مشتاق سهتو سميت 5جوابدارن کي گرفتار ڪرڻو آهي، جوابدار نذير سهتو جي ڊي اين اي شهيد جي جزن سان ملي آهي.