ڪراچي ( رپورٽ: آفاق ڀٽي سنڌسماءَچار) ڊجيٽل آدمشماري، گرين انيشيٽوسميت مختلف منصوبن لاءِ سنڌ جي زمينن تي والار ۽ وسيلن جي نيلامي خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي 30هين جولاءِ تي ڪراچي ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي ورتي آهي، ايس يو پي پاران سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان ملاقاتون، شرڪت جي دعوت. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه چيو آهي ته ڊجيٽل آدمشماريءَ ۾ سنڌ خاص طور سنڌين جي آبادي گهٽ ڏيکارڻ، سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي والار خلاف30هين جولاءِ تي ڪراچيءَ ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪرائي ويندي، ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ سمورين قومپرست ۽ سنڌ دوست پارٽين، دانشورن، محققن ۽ سنڌ جي گهڻ گهرن کي دعوتون ڏنيون پيون وڃن، سمورن سنڌ دوست سڄاڻ ماڻهن کي به اي پي سي ۾ شرڪت جي دعوت ڏيون ٿا. سيد زين شاهه وڌي چيو آهي ته، ملڪ ۾ ٿيل پهرين ڊجيٽل آدمشماري کي سنڌ خلاف ڊجيٽل سازش سمجهون ٿا، پيپلزپارٽي جي سهولتڪاري سان سنڌين جي ڳڻپ هٿ وٺي گهٽ ڏيکاري وئي آهي، نه رڳو آبادي پر سنڌي ڳالهائيندڙن جو انگ به گهٽ ڏيکاريو ويو آهي، جنهن سان سنڌ جي وسيلن، حق حڪمراني سميت بنيادي حقن تي سڌو سئون ڌاڙو هڻڻ لاءِ هڪ دستاويز تيار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو موجود آهي جنهن ۾ حڪومت رڪارڊ تي چيو هو ته سرڪاري انگن اکرن سان 25 لکن کان وڌيڪ افغاني، بنگالي، برمي ۽ ٻين ملڪن جا ماڻهو غيرقانوني طريقي سان سنڌ ۾ رهن ٿا، سپريم ڪورٽ چٽيءَ طرح حڪم ڏنو هو ته انهن سمورن غيرقانوني پرڏيهين کي فوري طور نيڪالي ڏني وڃي، پر ڪيترائي سال گذرڻ باوجود ان تي ڪو به عمل ناهي ڪيو ويو. سيد زين شاهه چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت عدالتي حڪم جي ابتڙ انهن غيرقانوني پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڏنا، جنهن لاءِ پ پ جي سينيٽرز فنڊز مختص ڪيا.
پنجاب جو سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو، اسٽينڊنگ ڪميٽي کي پاڻي بند ڪرڻ کان کتو جواب