Tuesday , July 23 2024

ڇهين آدمشماري-حڪومت ۽ سول سوسائٽي جو ڪردار ڇا هئڻ گهرجي..؟ -ڊاڪٽر رجب ميمڻ

ڊاڪٽر رجب ميمڻRajab Memon

پاڪستان ٺهڻ بعد هيستائين ٿيل پنجن آدمشمارين جا انگ اکر سنڌ جي ڪُل آبادي، شهري -ٻهراڙي تناسب ۽ لساني جوڙجڪ جي حوالي سان اعتماد جوڳا ۽ ڪارائتا نه رهيا آهن. 1951ع واري آدمشماري ڀارت مان لکن جي تعداد ۾ ”پاڪستان ٺاهيندڙ محب وطن اردو ڳالهائيندڙ مهاجرن“ جي مسلسل آمد سبب جلد متروڪ ٿي وئي. 1961ع واري آدمشماريءَ کان اڳ توڻي پوءِ جنرل ايوب جي حڪومت طرفان ڪراچي پورٽ ۽ سنڌ جي صعنتي علائقن ۾ لکين هندڪو ۽ پٺاڻ ورسايا ويا، جنهن سبب اوائلي لساني فساد به ٿيا. 1972ع جي آدمشماري، بنگلاديش مان تڙجي ايندڙ محب وطن بنگالين، ”الشمس“ ۽ البدر“ جي تربيت يافته بهاري جٿن سبب فورن ناڪاره ٿي وئي، جڏهن ته 1981ع ۾ ڪرايل آدمشماري افغان جنگ جي نتيجي ۾ ايندڙ لکين ”مهاجرين“ ۽ اباڻن علائقن مان تڙجي نڪتل پٺاڻن (IDPs) ۽ جنرل ضياءُ حڪومت جي سنڌ دشمن پاليسين توڻي ڳڻپ جي ناقص طريقيڪار سبب بنهه  ڀروسي جوڳي نه هئي. 1981ع کان 1998ع تائين افغانين، پٺاڻن، هندڪو پنجابي ۽ سرائيڪي ڳالهائيندڙ معاشي مهاجرن جي آمد جو سلسلو جاري رهيو، جنهن ڪري سنڌ ۾ آباديءَ جي لساني جوڙجڪ ۾ سنڌي ماڻهن جي واضح اڪثريت منفي طرح متاثر ٿيڻ لڳي. مٿان وري حڪومت ۾ اردو ڳالهائيندڙن جي شهري ڏهڪاءَ پيدا ڪندڙ سياسي جماعت جي تحڪمانه اثر رسوخ سبب 1998ع جي آدمشماريءَ جا نتيجا به شفاف ۽ قابل قبول نه رهيا، تاهم هن وقت رٿابندي توڻي آباديءَ جي مختلف اهڃاڻن جي ڀيٽ ڪرڻ لاءِ 1998ع جي آدمشماريءَ کي بنيادي حيثيت حاصل آهي.

2010ع ۾ ارڙهين آئيني ترميم ذريعي صوبن کي محدود خود مختياري ملڻ بعد، پيپلزپارٽي جي وفاقي حڪومت هي ساڳي ڇهين آدمشماري ٻن مرحلن ۾ اپريل کان سيپٽمبر 2011ع واري عرصي ۾ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. اها ڪوشش بهرحال مختلف سببن ڪري گهر ڳڻپ بعد ترڪ ڪئي وئي. اٽڪل 2 ڏهاڪن جي ڊگهي وقفي بعد، ننڍن صوبن جي مطالبي ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب، مسلم ليگ نواز جي وفاقي حڪومت مارچ 2017ع ۾ آدمشماري ڪرائڻ لاءِ ضروري لائحه عمل تيار ڪيو آهي. 2010ع کان اڄ تائين ڇهين آدمشماريءَ جي مختلف رخن تي سوين مضمون ۽ سوشل ميڊيا ۾ ليک لکيا ويا  آهن ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي بحث مباحثا ٿي چڪا آهن. تاهم وقتاً فوقتاً نئين معلومات ۽ نوان اعلان ٿيڻ سبب، اڃا تائين سياسي ۽ سماجي ڌرين توڻي عام ماڻهن جي ذهنن ۾ ڪافي مونجهارا موجود آهن، جن بابت وضاحتن، سوچ ويچار ۽ عملي ڪوششن جي ضرورت آهي.

2011ع جو ناڪام تجربو

2011ع ۾ اعلانيل آدمشماريءَ کي شفاف بڻائڻ لاءِ سنڌ جي قومپرست ڌرين ۽ ساڃاهه وندن جي نمائنده ميڙ طرفان حيدرآباد ۾ هڪ ”آدمشماري مانيٽرنگ ڪاميٽي“ قائم ڪئي وئي، راقم الحروف اُنهيءَ ڪاميٽيءَ جو نومبر 2010ع کان مارچ 2011ع تائين سيڪريٽري رهيو. گهرن جي ڳڻپ واري مرحلي کانپوءِ آدمشماريءَ جو اهو عمل روڪيو ويو، جنهن جا مکيه سبب هي ڄاڻايا ويا ته 2010ع جي مهاٻوڏ سبب سنڌ ۽ پنجاب جي ٻوڏ هيٺ آيل علائقن ۾ صحيح طرح ڳڻپ نه ٿي سگهي. ڪراچي ڊويزن ۾ هڪ لساني گروهه جي ڪارڪنن پينسل تي انگ اکر گڏ ڪيا، جن کي پڪي فارم تي اتارڻ مهل وڌائي وڏي پئماني تي ڌانڌلي ڪئي وئي. بلوچستان ۾ به گهر ڳڻپ جو عمل غير شفاف رهيو ۽ في خاندان ڀاتين جو تعداد 8 ڄاڻايو ويو، جڏهن ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ سراسري طرح في خاندان ڀاتين جو تعداد 5 ۽ 6 رڪارڊ ڪيو ويو.

آدمشماري مانيٽرنگ ڪاميٽيءَ طرفان گهر ڳڻپ جي مرحلي دوران هيٺان مکيه نقص ۽ مسئلا نوٽ ڪيا ويا.

(1) ڳڻپ ڪندڙ عملو ناڪافي هو، هر ڳڻپ ڪندڙ ڪارندي کي 2 کان 5 بلاڪ ڏنا ويا هئا ۽ کين ڪافي تفصيل گڏ ڪرڻ لاءِ فارم ڀرڻا هئا، اهو ڪم هڪ ڪارندي لاءِ گهڻو هو ۽ ڳڻپ صحيح طرح سان نه ٿي سگهي.

(2) عملي کي صحيح تربيت ملي نه سگهي. کين مڪمل سامان نه مليو ۽ سندن آمد و رفت جو صحيح انتظام به نه ڪيو ويو. سنڌي ٻوليءَ ۾ فارم نه ڇپجڻ سبب اڪثر عملو صحيح تفصيل سمجهي نه سگهيو ۽ کين مقرر وقت ۾ فارم مڪمل ڪرڻ ۾ دقت پيش آئي.

(3) ٻهراڙين ۽ ڏکين علائقن ۾ ڪوٽن، لانڍين ۽ وڏن خاندانن جي ويڙهن اندر گهرن جا مڪمل نمبر نه لڳايا ويا ۽ نه ئي صحيح انگ اکر رڪارڊ ڪيا ويا. انهن علائقن ۾ عملو آخري تاريخن تائين پهچي نه سگهيو. (4) حڪمران پارٽي مرڪز توڻي صوبي ۾ اقتدار جي رعونت سبب آدمشماريءَ لاءِ گهربل تياريون نه ڪيون ۽ قومپرست ڌرين تي چٿرون ڪندي رهي، جنهن سبب شهري لساني تنظيم ڳڻپ ۾ دل کولي ڌانڌليون ڪيون.

(4) گهر ڳڻپ مهل افغان مهاجرين، غير قانوني تاريڪين وطن، ملڪ اندر بيدخل ٿيل ماڻهن (IDPs) ۽ ٻين صوبن مان آيل معاشي مهاجرن بابت ڌار ڌار معلومات گڏ ڪئي وئي، جنهن سبب شهري آباديءَ ۾ مختلف گروهن جي جوڙجڪ جو اندازو لڳائڻ مشڪل ٿي پيو، انهن سببن جي ڪري مارچ 2012ع ۾ جڏهن گهر ڳڻپ جا انگ اکر ظاهر ٿيا ته سنڌ ۾ ڪل گهرن جو تعداد 91 لک ڄاڻايو ويو، جن مان 37 لک گهر فقط ڪراچي شهر جا هئا. سراسري طرح في گهر 6 ڀاتين جي حساب سان 2011ع جي انگن اکرن جي بنياد تي سنڌ جي ڪُل آباديءَ جو تخمينو 5 ڪروڙ، 46 لک ٿي ٿيو، جڏهن ته فقط ڪراچي شهر جي آدمشماري 2 ڪروڙ، 22 لک تائين ٿي پهتي. اهو ئي سبب آهي جو ڪراچيءَ ۾ شهري لساني تنظيم اها دعويٰ ڪندي ٿي رهي ته هن وقت فقط ڪراچيءَ جي آبادي اڍائي ڪروڙ آهي، جيڪا ڳالهه 1998ع جي آباديءَ کي مدنظر رکندي رد ۽ باطل آهي.

هن سال 2017ع ۾ سنڌ جي ڪِن قومپرست ڌرين جي دعويٰ آهي ته سنڌ ۾ گهرن جو ڪل تعداد هڪ ڪروڙ، 35 لک آهي، تنهن ڪري جيڪڏهن سنڌ جي آدمشماري 7 ڪروڙن کان گهٽ ڄاڻائي وئي ته اها تسليم نه ڪئي ويندي. ميڊيا ۾ ايندڙ تجزين ۾ سنڌ جي آبادي پاڪستان جي ڪُل آدمشماريءَ جو 29 سيڪڙو ڄاڻائي وڃي ٿي. جڏهن ته مالي وسيلا، ملازمتون ۽ نمائندگي فقط 23 سيڪڙو بنياد تي طئي ٿيل آهن.

هاڻوڪي آدمشماريءَ لاءِ ٿيندڙ انتظام

2011ع جي تجربي کي مدِنظر رکندي CCI جي معرفت گهرن جي ڳڻپ لاءِ 3 ڏينهن ۽ آدمشماريءَ جا ٻيا انگ اکر گڏ ڪرڻ لاءِ 10 ڏينهن جو عرصو مقرر ڪيو ويو آهي. سنڌ جي مخصوص سماجي ۽ طبعي حالتن ۾ گهر ڳڻپ لاءِ رکيل ڏينهن بنهه ناڪافي آهن، جڏهن ته تفصيلي آدمشماري ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيل 10 ڏينهن به گهٽ آهن. ان ڪري خدشو آهي ته سنڌ جي ڏورانهن علائقن، گڏيل رهائشي ويڙهن ۽ مشترڪ خاندانن ۾ نه گهر ڳڻپ ۽ نه ئي آدمشماري صحيح طرح ٿي سگهندي. ان حوالي سان گهر ڳڻپ لاءِ 5 ڏينهن ۽ تفصيلي آدمشماريءَ لاءِ 15 ڏينهن جو عرصو مناسب سمجهيو ٿو وڃي. سنڌ ۾ 15 مارچ کان 27 مارچ 2017ع تائين ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزنن ۾ ڳڻپ ڪئي ويندي، جڏهن ته سکر، لاڙڪاڻو ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزنن ۾ اهو عمل 25 اپريل کان 20 مئي 2017ع تائين مڪمل ڪيو ويندو.

ڳڻپ ڪندڙ هر ڪارندي (Enumerator) کي فقط2  بلاڪ (في بلاڪ 200 کان 250 گهر) ڪرڻا آهن. جنهن سبب اڳي کان هن ڀيري ڪم گهٽ ۽ ڪرڻ جوڳو هوندو. هر ڳڻپ ڪندڙ سان پوليس سيڪيورٽي ۽ هڪ فوجي سپاهي گڏ رهندو ته جيئن شفافيت برقرار رهي. ٻهراڙين ۾ ته شايد ائين ٿي سگهندو پر ڪراچي ۽ حيدرآباد جي شهرن ۾، جتي مخصوص لساني تنظيم جا ڪارندا ڳڻپ ڪندا ۽ جتي غير ملڪي آبادي جون بستيون آهن، اُتي هڪ فوجيءَ جي سيڪيورٽي ڊيوٽي تي هجڻ سان ڪو خاص فرق نه پوندو ۽ گذريل دفعي وانگر هر قسم جي ڌانڌلين جو امڪان رهندو. هاڻوڪي آدمشماريءَ لاءِ اهو شرط لاڳو ڪيو ويو آهي ته گهر جي سربراهه جو قومي شناختي ڪارڊ ٺهيل هئڻ گهرجي. هر شادي شده ڪٽنب کي جدا گهر طور ڳڻيو ويندو. جنوريءَ ۾ نادرا طرفان ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ ۾ 18 سال يا ان کان وڏي عمر جي 30 لک ماڻهن وٽ شناختي ڪارڊ ناهن. جيڪڏهن ان مان فقط 10 لک ماڻهو گهر جا سربراهه هجن ته سنڌ ۾ 60 لک ماڻهو ڳڻپ ۾ ئي نه ايندا. ان ڪري ساڃاهه وندن طرفان مطالبا ڪيا ويا آهن ته گهر جي سربراهه لاءِ شناختي ڪارڊ هجڻ جو شرط ختم ڪيو وڃي. گڏوگڏ سنڌ حڪومت کان به مطالبا ڪيا ويا آهن ته نادرا جون موبائيل ٽيمون موڪلي رهيل شناختي ڪارڊ بنا دير جي ٺهرايا وڃن. تاهم ان سلسلي ۾ ڪا اطيمنان جوڳي پيش رفت نه ٿي سگهي آهي.

فيبروري 2017ع ۾ نارا اداري طرفان ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ ۾ فقط 18 لک غير قانوني ڌاريا رهن ٿا پر انهن جي تصديق ڪرڻ ممڪن ناهي، ڇاڪاڻ ته گهڻو ڪري سڀ رشوت ڏئي شهري لساني تنظيم جي مدد سان قومي شناختي ڪارڊ ٺهرائي چڪا آهن. سنڌ حڪومت مطابق، صوبي ۾ ڪل 25 لک ڌاريا آباد آهن. ڳڻپ اداري طرفان اهو به واضح ڪيو ويو آهي ته پاڪستان جي مختلف علائقن مان آيل جيڪي معاشي مهاجر گذريل ڇهن مهينن کان سنڌ ۾ رهن پيا، تن کي به سنڌ جي آباديءَ ۾ شامل ڪيو ويندو.

سنڌ حڪومت ۽ ناڻي کاتي جا عملدار توڻي ڪجهه ساڃهه وند لڏو فقط اهو چاهين ٿا ته ورڇ جوڳي ناڻي مان سنڌ صوبي کي وڌيڪ حصو ملي، تنهن ڪري اُهي غير قانوني ڌارين توڻي اٽڪل 3 ملين معاشي مهاجرن جي جدا ڳڻپ لاءِ ڪو به مطالبو يا ڪوشش ڪرڻ جي حق ۾ ناهن. اڪثر سنڌي ماڻهو بهرحال اهو سمجهن ٿا ته زياده ناڻو حاصل ڪرڻ کان هزار ڀيرا وڌيڪ اهم سنڌ صوبي اندر سنڌي ماڻهن جي اڪثريت، شناخت، وسيلن جي مالڪي ۽ پنهنجي مادر وطن تي اقتدار اعليٰ جو حق حاصل ڪرڻ آهي. تنهن ڪري اهو فرض هاڻي سنڌ جي ساڃاهه وندن، سياسي ۽ سماجي ڌرين توڻي ميڊيا ادارن کي نڀاهڻو پوندو. سنڌ حڪومت کي بهرحال اهو سمجهڻو پوندو ته پنجاب ۾ رهندڙ افغان ڌاريا رجسٽر ٿيل مهاجر آهن، جن کي بتدريج افغانستان موڪلڻ جو عمل جاري آهي، جڏهن ته سنڌ کان ٻيڻ تي وڌيڪ ملڪي معاشي مهاجرين خيبر پختونخوا، فاٽا توڻي بلوچستان جي پشتون علائقن ۽ ڪشمير مان آيل پنجاب جي مختلف وڏن شهرن جهڙوڪ: لاهور، شيخوپوره، فيصل آباد، سيالڪوٽ ۽ ملتان وغيره ۾ رهن ٿا. تنهن ڪري سندن اها خوشفهمي ختم ٿيڻ کپي ته سنڌ کي غيرقانوني ڌارين ۽ معاشي مهاجرن جي اضافي آبادي ڳڻائڻ سان ڪو وڌيڪ مالي حصو ملي سگهندو. ويتر اهڙي ناداني ڪرڻ سان سنڌ جي مستقل مفادن کي ناقابل تلافي ڇيهو رسندو.

About Asghar Azad

Check Also

شهيد جان محمد مهر ۽ شهيد فاطمه ڦرڙو جو قتل؛ چيف جسٽس احمد علي شيخ نوٽيس وٺو _ اصغر آزاد

شهيد جان محمد مهر ۽ شهيد فاطمه ڦرڙو جو قتل؛ چيف جسٽس احمد علي شيخ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *