ڪوئيٽا ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) بلوچستان جي وڏي وزير صوبي ۾ عام چونڊون ٻه مهينا ملتوي ڪرڻ جو مطالبوڳ ڪري ڇڏيو آهي. عبدالقدوس بزنجو بلوچستان اسيمبلي ۾ هڪ رٿ پيش ڪري ڇڏي آحي. رٿ ۾ اليڪشن ڪميشن کي اپيل ڪئي وئي آهي ته، امن امان جي صورتحال سبب بلوچستان ۾ عم چونڊون 2 مهينن لاءِ ملتوي ڪيون وڃن. بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو جي اهڙي رٿ بلوچستان اسيمبلي جي سيڪريٽري وٽ جمع ڪرائي وئي آهي. رٿ ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جولاءِ مهيني دوران چوماسي جي برساتن سبب صوبي ۾ صورتحال خراب ٿي ويندي آهي. امن امان جي صورتحال به ڪجهه علائقن ۾ وڌيڪ بهتر ٿي ويندي.
Check Also
شهيدن جو وارث سڏائيندڙ بلاول ڀٽو زرداري، شهيد فاطمه ڦرڙو جي وارثن سان تعزيت به نه ڪئي
“خيرپور جا سمورا جيلاني پير، پير اسد شاهه جي پاسي بيٺل آهن، اندروني طور اليڪشن …