Friday , June 14 2024

چونڊون ڪيتريون به شفاف ٿين، ايندڙ حڪومت لولي لنگڙي هوندي: خورشيد شاهه

سکر(رپورٽر   سنڌسماءَچار) پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته سگهارين قوتن نتيجا تبديل ڪيا ته قوم کين معاف نه ڪندي هن، مايوسي ظاهر ڪندي چيو آهي ته، چونڊون ڪيتريون به شفاف ٿين ۽ ايندڙ حڪومت ڪير به ٺاهي پر اها حڪومت لولي لنگڙي ۽ انتهائي ڪمزور هوندي. سکر جي ليبر ڪالوني ۾ گڏجاڻي کي خطاب ڪندي اڳوڻي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته، پاڪستان جو دشمن پرڏيهي قوتون سرگرم ٿي ويون آهن، پر پاڪ فوج ۽ قوم ملڪ خلاف ٿيندڙ هر قسم جي سازشن کي ناڪام بڻائيندي. ھاڻي اليڪشن فوج جي نگراني ۾ ٿيندي فوج خراب حالتن ۾ اسان ملڪ ۽ قوم جو تحفظ ڪندي آهي، اسان بد قسمت قوم آھيون اسان شهيد ڀٽي جهڙي ڏاھي ليڊر کي شھيد ڪيو. خورشيد شاھ چيو ته آر اوز اليڪشن کي جمھوريت خاطر برداشت ڪيو.

http://www.sindhsamaachar.com/2018/07/18/%D9%87%D8%B1-%DA%80%D9%8A%D8%B1%D9%8A-%D8%A7%D9%84%D9%8A%DA%AA%D8%B4%D9%86-%DB%BE-%D9%88%D9%88%D9%BD-%D9%88%D9%BA%D9%86%D8%AF%DA%99-%D9%BE%D9%8A%D8%A6%DA%BB-%D8%AC%D9%88-%D8%B5%D8%A7%D9%81-%D9%BE/

About Asghar Azad

Check Also

دبئي ليڪس: پرويز مشرف(مرحوم)،آصف زرداري،شرجيل ميمڻ، محسن نقوي سميت پاڪستانين جون چارسئو ارب ڊالرز جون ملڪيتون ظاهر

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌسماءَچار) دبئي پراپرٽي ليڪس مختلف ملڪن سميت پاڪستاني سياستدانن، سول ۽ عسڪري رٽائرڊ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *