ٽنڊو الهيار (رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ جي زرخيز ضلعي ٽنڊو الهيار ۾ پاني جي کوٽ سبب آبادگار ۽ هاري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، پاڻي کوٽ خلاف مختلف شهرن ۾ به احتجاج جو سلسلو جاري آهي. سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، جڏهن ته چمبڙ ۾ آبادگارن احتجاج دوران پاڻ کي مٿي ۾ ڏنڊا ۽ ڇريون هڻي ماتم ڪيو. چمبڙ ۾ چاڪر شاخ جي پوڇڙي جي آبادگارن پاڻي کوٽ خلاف ٽنڊوالهيار-ٽنڊو غلام علي روڊ تي احتجاجي ڌرڻو هڻي پاڻ کي مٿي ۾ ڏنڊا ۽ ڇريون هڻي ماتم ڪيو. ان موقعي تي ايس ايس پي ٽنڊوالهيار آفتاب جوڻيجو ۽ ايڪسين ظهير ميمڻ ڌرڻي واري هنڌ پهچي انصاف جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪرايو.
خيرپور ناٿن شاهه ۾ نارا ڊسٽري جي پڇڙي جي آبادگارن پاڻي کوٽ ۽ شاخ جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف غلام محمد گاڏهي ۽ محمد چنا جي اڳواڻي ۾ ڪميونٽي سينٽر کان بس اسٽاپ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي. ڪنري ۾ ٽيل شاخ جي آبادگارن 5 مهينن کان شاخ ۾ پاڻي ڇوڙ نه ڪرڻ خلاف غلام قادر چانڊيو، موسا سولنگي ۽ عمران سولنگي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب روڊ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو. آبادگارن چتاءُ ڏنو ته 3 ڏينهن اندر شاخ ۾ پاڻي ڇوڙ نه ڪيو ويو ته ڊائريڪٽر نارا ميرپورخاص جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو. ڍورونارو ۾ ڪانگڙي ۽ ڪنڊياري شاخ جي آبادگارن محمد اشرف ڏاھري ۽ لقمان مھر جي اڳواڻي ۾ سوين آبادگارن سرھاڙي شاخ تي ميرپورخاص-عمرڪوٽ تي ڌرڻو ھنيو.
ڪڍڻ ۾ ڪامارو شاخ جي آبادگارن آر ڊي 10 وٽ دڪو قائم ڪري پوڇڙ جو پاڻي روڪڻ خلاف محمد حنيف کوکر، سومار خان چانگ ۽ مولابخش چانگ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.آبادگارن چتاءُ ڏنو ته چئن ڏينهن اندر شاخ جي آر ڊي 10 وٽ لڳل دڪو ختم نه ڪيو ويو ته پنھنجي مدد پاڻ تحت دڪو ختم ڪيو ويندو.