Thursday , May 30 2024

پ پ ۾ جاري نيون ڀرتيون ۽ سنڌ جي ساڃاهه وندن جو ڪردار – سهيل سانگي

Picturesسهيل سانگي

پيپلزپارٽيءَ ۾ ڀوتارن جي وڏي پيماني تي ڀرتي شروع آهي. حالانڪ سنڌ ۾ نوڪرين تي بندش جيان، پارٽيءَ ۾ ڀوتارن جي ڀرتيءَ تي ڪڏهن به بندش نه رهي آهي. انهن لاءِ پارٽيءَ جا دروازا سدائين کليل رهيا آهن. موقعي مهل جي مناسبت سان اهي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيندا رهيا آهن. 2012ع ۽ 2013ع ۾ ڪجهه صورتحال ماڳهين خراب هئي. تڏهن پارٽيءَ جي قيادت وڏيرن جي درن تي وڃي رهي هئي ۽ کين پارٽيءَ ۾ شموليت لاءِ زور ڀري رهي هئي پر هاڻوڪو معاملو ٿورو مختلف آهي. ڀوتار پاڻ پارٽي قيادت سان رابطا ڪري شموليت اختيار ڪري رهيا آهن. سنڌ جي گهوٽڪي، شڪارپور ۽ ڪجهه ٻين هنڌن تي انهن با اثر شخصيتن جا پنهنجا تضاد ۽ مفاد ايترا گهرا رهيا آهن، جو ٻه گروپ هڪ ئي وقت ساڳي پارٽيءَ ۾ ورلي رهندا آهن، پر هن ڀيري گهوٽڪيءَ ۾ اها صورتحال وڃي بيٺي آهي، جو لنڊ، مهر، پتافي – سڀ ڌريون پيپلزپارٽيءَ ۾ اچي ويون آهن.

آخر اها ڪهڙي جادوءَ جي لٺ هئي، جنهن اهڙي صورتحال پيدا ڪئي؟ پارٽيءَ جي پروگرام، منشور ۽ قيادت ۾ اوچتو کين ڪو وڏو ڪرشمو نظر اچي ويو؟ هڪ ڪرشمو اهو هو ته ڀوتارن اهو تاڙي ورتو آهي ۽ اسلام آباد جي ڌرين کين اشارو ڏئي ڇڏيو آهي ته سنڌ ۾ وري به پيپلزپارٽيءَ ئي حڪومت ٺاهيندي. ائين انهن همراهن تحريڪ انصاف توڻي نواز ليگ مان آسرو پليو ته اهي ڪو سنڌ ۾ ڌر ڌڻي ٿي بيهندا. کين نواز ليگ جي حڪومتي دور جو تجربو ٿي چڪو. اهڙي صورت ۾ حڪومت کان ٻاهر ويهڻ جو ڊگهو روزو رکڻ انهن همراهن جي وس جي ڳالهه ناهي. ان ڪري انهن بهتر سمجهيو ته چونڊن ۾ کڻي سال کن دير هجي، پر هينئر ئي پارٽيءَ ۾ شموليت ڪري سيٽن جي ورهاست ۾ پنهنجي والار ڪري وٺجي.

Marwat & Zardari

پيپلزپارٽيءَ ۾ ڀوتارن لاءِ جهجهي ڪشش ”جي ٽي روڊ سياست“ ۾ ڪا جڳهه نه نڪرڻ سبب به پيدا ٿي. پنجاب ۾ تحريڪ انصاف ۽ نواز ليگ جي وچ ۾ هلندڙ سياسي چٽاڀيٽيءَ جو نبيرو پاناما ليڪس ڪيس جي فيصلي سان مشروط ٿيل لڳي ٿو. جنهن موجب، نواز شريف لاءِ ته ڏکيا ڏينهن اچي سگهن ٿا، پر نواز ليگ لاءِ نه. ايندڙ وقت ۾ ڪنهن اهڙي فارمولا تي ڪم ٿيندي نظر اچي ٿو ته پنجاب ۾ صوبائي حڪومت شهباز شريف کي ملي ۽ پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي سيٽن جي زور تي تحريڪ انصاف کي وفاق ۾ حڪومت ملي وڃي. ٻيو فارمولو اهو ٿي سگهي ٿو ته نواز ليگ ايتريون سيٽون نه کڻي سگهي، جو اڪيلي سر حڪومت ٺاهي. ان ڪري ممڪن آهي ته هڪ ٻئي جون ”فرينڊلي اپوزيشن“ رهندڙ ٻئي پارٽيون نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي، گڏيل حڪومت ٺاهين. بهرحال پيپلزپارٽيءَ ۾ تازي پيدا ٿيل ڪشش جو ڪارڻ پاناما ليڪس جو فيصلو محفوظ ٿيڻ آهي. ڪيس جو فيصلو ڪهڙو ايندو، ان بابت آخري شنوائيءَ تي چيف جسٽس جي ريمارڪس کي مبصر وڏي اهميت ڏئي رهيا آهن، جنهن ۾ هن چيو هو ته فيصلو اهڙو ڏنو ويندو، جيڪو سڀني ڌرين لاءِ قابل قبول هوندو ۽ تاريخي هوندو.

هن کان اڳ پيپلزپارٽي سالن کان اها ڪوشش ڪندي رهي ته ڪنهن نه ڪنهن طرح سان پنجاب ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهي. ان لاءِ پارٽيءَ جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪيترائي ڏينهن اسلام آباد ۽ لاهور ۾ ٽڪيل رهيو. پارٽيءَ جي پنجاب واري ڌڙي جي پاليسيءَ تي به هليو. نواز شريف جي مخالفت لاءِ تحريڪ انصاف سان به گڏ بيٺو. وري ڦيرو کائي تحريڪ انصاف کان پري ٿي بيٺو. انهي سڄي جوڙ ٽوڙ دوران راولپنڊيءَ ۾ گارڊ جي تبديليءَ جو وقت به اچي ويو ۽ نئون آرمي چيف اچي ويو. پاڪستان جي سياست لاءِ اهو سمجهيو ويندو آهي ته پنڊيءَ ۾ آيل تبديلي ان تي سڌي طرح اثرانداز ٿئي ٿي. ان آسري تي پيپلزپارٽيءَ جو مک ليڊر آصف زرداري وطن موٽي آيو. هن پنهنجي ۽ بلاول ڀٽو جي قومي اسيمبليءَ ۾ ڇوٽي چونڊ ذريعي اچڻ جو اعلان ڪيو، ۽ اهو به اعلان ڪيو ويو ته بلاول ڀٽو قومي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ليڊر هوندو. اهي ٻئي اعلان ٻه هفتا گذرڻ بعد به بنا عمل جي ئي رهيا. هونئن به جڏهن اهي اعلان ڪيا پئي ويا، تڏهن سمورن حلقن کي حيرت ٿي رهي هئي ته باقي سال کن لاءِ قومي اسيمبليءَ ۾ اچي پيءُ پٽ اهڙو ڪهڙو وڏو ڪم ڪري وٺندا؟ هاڻي هرڪو سمجهي پيو ته اهو پتو اڇلايو ويو هو.

پارٽيءَ تي اها ماڻهن جي ميار رهندي ته ان ويجهڙ ۾ نه ميمبر سازيءَ جي مهم هلائي ۽ نه ئي ڪارڪنن کي ائين ويجهو آندو، جيئن شهيد ڀٽو ۽ شهيد محترمه ڪندا هئا. ٻه ڀيرا اڳي، يعني پهريون ڀيرو مڪاني ادارن جي چونڊن مهل ۽ ان کانپوءِ پارٽيءَ جي عهديدارن جي چونڊن دوران به قيادت ڪيترين ئي با اثر شخصيتن ۽ گهراڻن کي پارٽيءَ ۾ جاءِ ڏيئي چڪي هئي. ڪجهه ڪسر وري وڏي وزير جا مشير ۽ خاص مددگار وغيره مقرر ڪرڻ مهل ڪڍي وئي. مطلب ته سنڌ جو مٿيون طبقو هر حال ۾ با اثر ۽ صاحب اقتدار رهڻ گهري ٿو، سو به سڌيءَ طرح. اڳي اقتدار ۾ رهڻ کي علائقي ۾ رعب، دٻدٻي لاءِ ضروري سمجهيو ويندو هو. ان بعد جوڻيجو ۽ ضياءَ دور ۾ اها ڳالهه نوڪرين جي ڪوٽا ۽ خاص ترقياتي بجيٽن تائين وڃي پهتي، جيڪا جمهوريت جون دعويدار ٻه وڏيون پارٽيون به ختم نه ڪري سگهيون. بلڪه انهن ٻنهي مدن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو رهيو. پوءِ انهن ترقياتي ڪمن ۽ نوڪرين جو ڇا ٿيو؟ اها ڳالهه به ڪنهن کان ڳجهي ناهي رهي. نوڪريون وڪاڻيون، ترقياتي ڪم صرف ڪاغذن تي ئي مڪمل ٿيا، ۽ بل ادا ٿي ويا. ائين اقتدار ۾ هجڻ جي هڪ نئين چمڪ پيدا ٿي. اها چمڪ ”ٻڌ- ڇوڙ“، مقرري ۽ بدليءَ واري سياست کان وڌيڪ پرڪشش ثابت ٿي. نتيجي ۾ اقتدار کي ويجها رهندڙ ماڻهو چند سالن ۾ طبقو مٽائي ويٺا. سنڌ ۾ عجيب صورتحال ان ڪري به آهي، جو پنجاب ۾ بنياد رکندڙ پارٽيون جهڙوڪ، نواز ليگ، تحريڪ انصاف وغيره سنڌ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ تيار ناهن ۽ نه ئي وري سياسي حوالي سان سنڌ کي ڪجهه ڏيڻ لاءِ تيار آهن. سيد غوث علي شاهه، لياقت جتوئي، ممتاز ڀٽو، ٺٽي جا شيرازي برادران، ٿر جا ارباب، حڪيم بلوچ ۽ نوان جتوئي وارا همراهه نواز ليگ ۾ شامل هجڻ جي باوجود پارٽيءَ انهن کي ڪا موٽ يا مڃتا نه ڏني. ساڳي صورتحال تحريڪ انصاف جي آهي. فنڪشنل ليگ هاڻي ذري گهٽ روحاني جماعت طور وڃي بچي آهي. ان ۾ موجود ماڻهو ڪيڏي به مهل پيپلزپارٽيءَ ۾ شامل ٿي سگهن ٿا، يا وري پنهنجي وجود کي بچائڻ لاءِ فنڪشنل ليگ، پيپلزپارٽيءَ سان ڪو ٺاهه ڪري سگهي ٿي. چوڻ وارا چون ٿا ته ان ڏس ۾ مٿئين سطح تي ڪي ملاقاتون، ڪي ڳالهيون به ٿيون آهن.

هتي هڪ ٻي ڳالهه وڏي اهميت جي حامل آهي ته گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان اسٽيبلشمينٽ اهڙي قسم جي سياست کي فروغ ڏئي رهي آهي، جنهن ۾ ڪا به ملڪ گير هڪ يا ٻه پارٽيون ميدان ۾ نه هجن. هر صوبي ۾ وري هڪ يا ٻه پارٽيون ئي رکڻ جو فارمولا نظر اچي ٿو. ملڪ گير پارٽيءَ کي منهن ڏيڻ اسٽيبلشمينٽ لاءِ ڏکيو ٿي پوي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو نواز ليگ پنجاب تائين،

Khalid Lundخالد لنڊ

پيپلزپارٽي سنڌ تائين، تحريڪ انصاف به پنجاب ۽ خيبر پختونخوا تائين محدود آهي. سنڌ ۾ پيپلزپارٽيءَ جي متبادل طور ايم ڪيو ايم کي اڀاريو ويو. ايم ڪيو ايم خلاف تازي آپريشن ان جي شڪل مٽائي ڇڏي آهي. بدقسمتي اها آهي ته ان آپريشن کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ پيپلزپارٽي، نواز ليگ توڻي تحريڪ انصاف، ويندي جماعت اسلاميءَ تائين ڪا به پارٽي نه پنهنجو ووٽ بئنڪ ٺاهي سگهي آهي ۽ نه وري ليڊر. ڪراچيءَ ۾ پارٽيءَ جا ليڊر سئٽلائيٽ وانگر آهن، جيڪي هن وڏي شهر ۾ پنهنجي موجودگي به چڱي طرح ڏيکاري نٿا سگهن. ان ڪري ايم ڪيو ايم مخالف يا غير ايم ڪيو ايم جي ووٽر وٽ به ڪو سنجيده ۽ مناسب آپشن ناهي.

عرفان الله مروت جي پيپلزپارٽيءَ ۾ شموليت پارٽيءَ جي بدنصيبي آهي. ڄام صادق دور ۾ مروت جيڪي پيپلزپارٽي ۽ ان جي ڪارڪنن ۽ خود ليڊرن سان ويل ڪيا، سي تاريخ جو حصو آهن. بينظير ڀٽو جي ساهيڙي وينا حيات وارو ڪيس آخر تائين اڻ نبريل رهيو. پيپلزپارٽيءَ جي اڳواڻن منظور وساڻ، ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ، مولابخش چانڊيو ۽ ٻين کي اهي سختيون اڃا وسريون نه هونديون. سرڳواسي جڳديش ملاڻيءَ سان به ڪا گهٽ نه ٿي هئي. مروت جي شموليت تي آصف علي زرداريءَ جي ٻن ڌيئرن ڏاڍي مضبوطيءَ سان ۽ تلخ لهجي ۾ اعتراض واريو آهي. جنهن بعد پارٽيءَ اندر مروت مخالف موقف ۽ جذبن کي هٿي ملندي. ڏسجي ته آصف علي زرداري پنهنجين ڌيئرن ۽ ٻين ڪارڪنن جي انهن جذبن ۽ احساسن کي ڪيتري مڃتا ڏئي ٿو.

Nabil Gabol3نبيل گبول

سنڌ ۾ پيپلزپارٽيءَ ٻيو وڏو ڪم اهو ڪيو آهي ته راءِ عامه ٺاهيندڙ حلقن کي پاڻ سان ڳنڍي ورتو آهي. هن کان اڳ اهي حلقا پيپلزپارٽيءَ جا مخالف ۽ نقاد رهيا آهن. سنڌ جو دانشور ۽ اديب لڏو روايتي طور تي اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت جو مخالف رهيو آهي. اهو معاملو ون يونٽ ٺهڻ بعد شروع ٿيو، جيڪو ڀٽي صاحب جي دور تائين جاري رهيو. جنهن بعد ذوالفقار علي ڀٽي ڪنهن حد تائين انهيءَ حلقي کي ويجهو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. اهو مڃڻو پوندو ته شهيد محترمه ان ڏس ۾ ڪا قابل ذڪر ڪوشش نه ڪئي. بعد ۾ آصف علي زرداريءَ جي قيادت ۾ پارٽيءَ جو رنگ ئي تبديل ٿي ويو. ان جو عام پروفائيل ڪنهن به طور چڱو نه بيٺو. اهڙي وقت ۾ ثقافت کاتي پنهنجو ڪم ڏيکاريو. اهو ڪم ان ڪري به سولو ٿي پيو، جو سنڌ ۾ قومپرست ۽ کاٻي ڌر ايترو سڪڙجي ويون، جو ڳڻپ ۾ ئي نه پيون اچن.

پيپلزپارٽيءَ جي حڪمراني ۽ ڪارڪردگيءَ تي سئو سوال آهن، انهن جي نهڪر وارن جوابن کان ڪير انڪاري به ڪونهي. عوام کي ڇا مليو ۽ ڇا پيو ملي؟ اهي سوال به پنهنجي جاءِ تي رهندا پر اهي به حقيقتون آهن ته با اثر شخصيتون، جيڪي عوام کان ووٽ وجهرائي ۽ پولنگون سنڀالي ۽ کٽائي سگهن ٿيون، سي پيپلزپارٽيءَ ڏانهن اچي رهيون آهن، ۽ راءِ عامه ٺاهيندڙ لڏو به پيپلزپارٽيءَ کي جيسٽيفاءِ ڪري رهيو آهي. سنڌ بنهه هڪ نئين صورتحال ڏانهن وڌي رهي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *