پ پ پ سنڌ اسيمبلي ۾ پهريون ۽ پي ٽي آءِ سنڌ جي ٻيو نمبر پارٽي بڻجي وئي
Asghar Azad
August 13, 2018
سنڌ
1,152 Views
ڪراچي(چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي پهريون ۽ تحريڪ انصاف ٻيون نمبر وڏي پارٽي بڻجي وئي آهي، پ پ کي 97 ، پي ٽي آءِ 30 ۽ ايم ڪيو ايم 21 سيٽون حاصل ڪري ورتيون آهن. سنڌ اسيمبلي ۾ عورتن ۽ اقليتن جي مخصوص سيٽن مان پيپلزپارٽي کي 22 ، ايم ڪيو ايم کي 5، پي ٽي آءِ کي 7 ، جي ڊي اي کي 3 ۽ تحريڪ لبيڪ کي هڪ سيٽ ملي آهي. صوبائي اسيمبلي ۾ هاڻي پيپلزپارٽي جون سيٽون 97 ٿي ويون، پي ٽي آءِ جون 30، ايم ڪيو ايم جون سيٽون 21 ٿي ويون آهن. ٻئي طرف بلاول پ پ چيئرمين ڀٽو زرداري مراد علي شاهه کي ٻيهر سنڌ جو وڏو وزير، آغا سراج دراني کي اسپيڪر ۽ ريحانا لغاري کي ڊپٽي اسپيڪر نامزد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.