Monday , May 20 2024

پيپلزپارٽيءَ مٿان خراب حڪمرانيءَ واري تنقيد ڇو؟؟ – ضمير گهمرو (ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ)

Zameer Ghumroبئريسٽر ضمير گهمرو (ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ)

سنڌ ۾ بهتر حڪمراني نه هجڻ تي هر روز ڊگها ليک لکيا پيا وڃن پر سنڌ ۾ رياست جو ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ علم، سگهه ۽ افرادي قوت جو تعين ڪڏهن به نه ڪيو ويو آهي. سنڌ کي اڪثر پنجاب سان ڀيٽي اهو چيو ويندو آهي ته: ڏسو پنجاب ۾ ڪيتري ترقي آهي- پر سنڌ ۽ بلوچستان ۾ رياست ڪاري جي معاملن جي تاريخ عوام کي نه ٻڌائي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. سنڌ جي رياست ڪاري واري تاريخ کان اڻواقف دوست مرڪز جي پچ تي کيڏي سنڌ جي اقتدار اعليٰ کي نقصان پهچائڻ ۾ وسان ڪين پيا گهٽائين. سنڌ، پنجاب، ۽ ڪي پي ۾ طرزِ حڪمراني جا سبب اڄوڪي سرڪاري سرشتي سان ئي رڳو ڳانڍاپيل نه آهن، پر اهي انهن جي تاريخ سان به واڳيل آهن. سنڌ، پنجاب ۽ ڪي پي جي سياسي تاريخ هڪٻئي کان بنهه مختلف آهي، جنهن ڪري پنجاب جو انتظامي سرشتو مضبوط آهي ۽ ڪي پي پڻ انتظامي طور تي ٿورو اڳتي آهي. اها تلخ حقيقت آهي ته سنڌين پنهنجي صوبي ۾ 1843ع کانپوءِ پهريون دفعو لڳ ڀڳ ڏهه سال مسلسل حڪومت ڪئي آهي، جنهن ۾ سندن اڪثريتي غلبو هجي. ان لاءِ سنڌ جي تاريخ جا ورق کولڻ ضروري آهي.

سنڌ 1843ع کان 2017ع تائين:

سنڌ تي انگريزن 1843ع ۾ قبضو ڪيو ۽ ستت ئي 1847ع ۾ بمبئي ون يونٽ ۾ جڪڙي ڇڏيو. سنڌ 1847ع کان وٺي 1936ع تائين لڳ ڀڳ 90 سال بمبئي جي ون يونٽ ۾ رهي، جڏهن سنڌ جي ميٽرڪ امتحان وٺڻ لاءِ بورڊ به بمبئي ۾ هوندو هو. هن دور ۾ سنڌ کي هڪ ڪمشنر هلائيندو هو. ان نوي سال جي ون يونٽ دوران پهرين ون يونٽ مخالف تحريڪ ”بمبئي کان جدائي“ جي نالي سان شروع ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي اڳواڻن وڌي چڙهي حصو ورتو. سنڌ پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سر شاهنواز ڀٽو (سر شاهنواز ڀٽو جي پارٽي سنڌ پيپلزپارٽي هئي) 1932ع ۾ آئيني سڌارن تي لنڊن ۾ گول ميز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ کي بمبئي کان آزاد ڪرائڻ لاءِ زبردست ڪيس رکيو ۽ برطانيا سرڪار کي اپيل ڪئي ته سنڌ تي جيڪو بمبئي ون يونٽ جي صورت ۾ جبر مڙهيو ويو آهي، ان جو خاتمو ضروري آهي. سنڌ اڳ ۾ ملڪ هو، جنهن تي انگريزن قبضو ڪيو هو پر ان کي غير آئيني ۽ غيرقانوني طور بمبئي سان سلهاڙي ان جي تاريخ ۽ ترقي مسخ ڪئي وئي آهي. سنڌ ۾ بمبئي ون يونٽ جي خلاف جدوجهد ۽ سنڌ پيپلزپارٽي جي سربراهه پاران لنڊن گول ميز ڪانفرنس ۾ ڀرپور ڪيس پيش ڪرڻ تي گورنمينٽ آف آنڊيا ايڪٽ 1935ع هيٺ سنڌ برصغير ۾ يارنهن صوبن مان هڪ صوبو/رياست ٿي اڀريو. بمبئي ون يونٽ جي تحريڪ ۾ ڪافي اڳواڻ سرگرم هئا، جن ۾ سائين جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ايوب کهڙو شامل هئا. سنڌ پيپلزپارٽي جي سربراهه سر شاهنواز ڀٽو ان تحريڪ کي اڳتي کڻي لنڊن تائين وڃي سنڌ کي بمبئي جي ون يونٽ کان آزاد ڪرائڻ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو. سنڌ برصغير جو صوبو ٿيڻ کانپوءِ 1937ع جون چونڊون ٿيون، جنهن جي نتيجي ۾ پهريون وزيراعظم سر غلام حسين هدايت الله ٿيو. آئين ۾ گهڻا اختيار انگريز گورنر کي هوندا هئا ۽ 1937ع وارو دور برصغير جي سياست ۾ هلچل وارو دور هو، ڇو ته 1939ع ۾ ٻي جنگ عظيم لڳي. 1942ع ۾ Quit India يعني ”هندستان ڇڏيو“ تحريڪ هلي ۽ 1947ع ۾ برصغير جو ورهاڱو ٿيو. ان دوران سنڌ صوبي ۾ حڪومتون هڪٻئي پويان مَٽجنديون رهيون. پهريون شهيد الله بخش سومرو، پوءِ مير بنده علي ۽ بعد ۾ ايوب کهڙو سنڌ جا وڏا وزير ٿيا. ملڪ ٺهڻ کانپوءِ ڪراچيءَ کي گادي وارو هنڌ ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ اسيمبليءَ کي حيدرآباد منتقل ڪيو ويو ۽ ڪجهه ئي سالن کانپوءِ 1954ع ۾ ون يونٽ لڳائڻ جو اعلان ٿيو، جنهن ڪري ان عرصي دوران صوبي هجڻ باوجود سنڌي سنڌ ۾ مضبوط حڪمراني نه ڪري سگهيا، نه سنڌ جي سول سروس ۽ نه ئي پوليس مضبوط ٿي. ڪجهه ادارا ۽ سنڌ يونيورسٽي ضرور قائم ٿي، پر سنڌ ۾ مضبوط حڪمراني پنهنجا پير نه پڪڙي سگهي ۽ سنڌ هڪ ڀيرو وري 17 سالن کانپوءِ لاهور جي ون يونٽ ۾ اچي وئي. هن ون يونٽ خلاف سنڌ جي جدوجهد تاريخي هئي. جيتوڻيڪ اها جدوجهد ڪنهن پارٽي نه پئي هلائي، پر ان ۾ پارٽيون شامل ضرور هيون. جهڙوڪ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي سنڌ هاري ڪميٽي وغيره. هن تحريڪ ۾ شاگرد، اديب، شاعر گڏجي پيا، پر جيئن ته ون يونٽ ايوب جي ذاتي ”بيبي“ هئي، ان ڪري ان جي وڃڻ کان سواءِ ان جو ٽُٽڻ ناممڪن هو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي والد جي پارٽي جي نالي واري پارٽي کي زندهه ڪري پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جو بنياد وڌو ۽ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ايوب خان جي آمريت جي خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ آخري ۽ وڏو محرڪ ثابت ٿيو. ون يونٽ خلاف تحريڪ ۽ ايوبي آمريت خلاف ڀٽي صاحب جي مزاحمت سنڌ کان ون يونٽ جو ڳٽ لاٿو، جنهن جي نتيجي ۾ سالن کان پوءِ ڪنهن ڏيهي آئين جي نتيجي ۾ سنڌ تي 1972ع جي عبوري آئين هيٺ سنڌي گورنر ۽ وڏي وزير جي صورت ۾ پهرين حڪومت قائم ٿي. سنڌ تي 129 سالن جي بمبئي ون يونٽ، انگريز راڄ ۽ لاهور جي يونٽ کان پوءِ اها پهرين خودمختيار حڪومت هئي، جنهن 1972ع ۾ ئي اسيمبليءَ ۾ ٻوليءَ جو بل آندو. معنيٰ سر شاهنواز ڀُٽي جي سنڌ پيپلزپارٽي جي 90 سالن کانپوءِ سنڌ ۾ انگريز سرڪار هيٺ پهرين حڪومت قائم ٿي، جيڪا ڏٻري ۽ هسيل هئي ۽ وري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سربراهيءَ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي (ساڳي پارٽي) جي اڳواڻي ۾ 129 سالن کانپوءِ پهرين مضبوط سنڌي حڪومت قائم ٿي، پر اها ساڍا پنج سال هلي سگهي. ان سنڌ ۾ حڪمراني جا بنياد ته وڌا، پر ٿوري عرصي هجڻ ڪري سنڌ ۾ رياست ڪاري جو فن/ ڪم پروان چڙهي نه سگهيو. ادارا اڳتي وڌي نه سگهيا ۽ سنڌ ۾ بيوروڪرسي توڙي پوليس مضبوط نه ٿي سگهيون، اهي مرڪز ۽ پنجاب جي سهاري رهيون، يا ان جي ٻولي ڳالهينديون رهيون، جيئن اڄ ڪلهه ڪجهه حاضر سروس يا رٽائرڊ آفيسر ڳالهائي رهيا آهن. هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ پاڻ چونديون رهيون آهن ته جڏهن ملڪ ۾ مارشل لا لڳندي آهي ته اها وحداني طرز حڪومت قائم ڪندي آهي ۽ وفاق ختم ٿي ويندو آهي. جنهن جو مطلب آهي ته ملڪ تي ون يونٽ لاڳو هوندو آهي. جنرل ضيا ۽ مشرف جي مارشل لائن ملڪ تي ون يونٽ قائم ڪيو ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي 1932ع کان پنهنجي تاريخ ورجائيندي هنن ٻنهي ون يونٽن خلاف زبردست جدوجهد ڪئي، جنهن جو مطلب آهي ته سنڌ تي ڌاري حڪمراني ۽ ون يونٽ خلاف جدوجهد ۾ پيپلزپارٽي هراول دستي جو ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي مسلسل شهيد ڪيو ويو. هن سموري عرصي دوران سنڌ تي سنڌين جي حڪومت نالي ماتر رهي آهي، جنهن ڪري ئي سنڌ ۾ حڪمراني/رياستڪاري متاثر ٿي آهي، ادارا جڙي نه سگهيا آهن.

حڪومت ڏانهن رويو:

ان سموري عرصي دوران غلامي جي ڪري سنڌين جو حڪومت ڏانهن رويو باغيانه رهيو آهي، ان جا اهي ئي تاريخي سبب آهن، جو ان عرصي دوران سنڌين جي نالي ماتر حڪومت هجڻ ڪري سنڌين حڪومت کي هميشه پنهنجي مخالف سمجهيو آهي ۽ ان جي ويجهو وڃڻ کي ڏوهه- حڪومت ڏانهن سنڌين جو اهڙو رويو بلڪل جائز آهي، پر تاريخ ۾ پهريون دفعو گذريل ڏهن سالن ۾ سنڌ تي سنڌين جي اڪثريتي حڪومت آهي، معنيٰ سنڌ جي اقتدار اعليٰ تي سنڌين جو حقِ حڪمراني آهي. ڀل ته اهو نٻل ۽ ڪمزور هجي، پر سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون دفعو سنڌ تي ڏهن سالن کان سنڌين جي حڪومت آهي. اهڙي مسلسل حڪومت، سا به هڪ پارٽي جي، سا سنڌ تي 1843ع کانپوءِ پهريون دفعو رهي آهي- پر جيئن ته تاريخي طور تي سنڌين جو حڪومت ڏانهن رويو باغيانو رهيو آهي، ان ڪري مرڪز سان مليل پارٽيون ۽ فرد ان باغيا نه روئي کي ڪيش ڪرائي پنهنجي ئي صوبي جي اقتدار اعليٰ کي پوئتي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ان جو سبب هو ڪرپشن ۽ بري حڪمراني ٻڌائي رهيا آهن، پر دراصل سنڌ ۾ سنڌين جي مسلسل حڪومت نه هجڻ ڪري هنن ۾ رياستڪاري جي فن جي کوٽ آهي. سنڌ ۾ ماضي ۾ سياسي رواداري رهي آهي، جنهن ڪري ئي سر شاهنواز ڀٽو جي سنڌ پيپلز پارٽي جو جنرل سيڪريٽري سائين جي ايم سيد ۽ ڊپٽي ليڊر شهيد الله بخش سومرو هئا. سو اهو چئي سگهجي ٿو ته سائين جي ايم سيد ۽ شهيد الله بخش پيپلز پارٽيءَ ۾ رهي چڪا آهن.

پنجاب ۽ خيبر پختونخوا:

پنجاب تي انگريزن 1849ع ۾ قبضو ڪيو، جنهن ۾ موجوده خيبر پختونخوا (ڪي پي) به شامل هو، جيڪو وري 1904ع ۾ جدا صوبو ٿيو. پنجاب ۾ رنجيت سنگهه موجوده ڪي پي ڪي کي 1818ع ۾ فتح ڪيو هو. پنجاب تي توڙي جو انگريزن 1949ع ۾ قبضو ڪيو، پر ان جو صوبي وارو مرتبو متاثر نه ٿيو ۽ اتي انگريز گورنر مقرر رهيو. نتيجي ۾ 1882ع ۾ پنجاب يونيورسٽي جو بنياد پيو. انگريز فوج ۽ سول بيوروڪريسي ۾ پنجاب ڇانئجي ويو ۽ هن جي سول بيوروڪريسي ۽ پوليس جيڪي رياست جو ڪاروهنوار هلائيندڙ آهن، اهي مضبوط رهيا. 1942ع کانپوءِ ته وفاقي سرڪار مسلسل پنجاب جي فوج ۽ بيوروڪريسي تي مشتمل رهي، جنهن ڪري پنجاب ۾ رياستڪاري جو فن پروان چڙهيو ۽ ان ترقي ڪئي. پنجاب جي بيوروڪريسي نه رڳو پنهنجي صوبي، پر ٻين صوبن تي حڪمراني ڪئي. ڪي پي ڪي پڻ 1904ع کان مسلسل صوبو رهيو آهي ۽ هن جو مرتبو (Status) صرف 1955ع ۾ ون يونٽ دوران مجروح ٿيو پر ون يونٽ دوران به اولهه پاڪستان جو وڏو وزير ڪي پي ڪي جو خانصاحب هو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪي پي ڪي ۾ بيوروڪرييسي، پوليس، تعليمي ادارا ۽ رياست ڪاري جو فن مضبوط رهيو ۽ ماڻهن جو رويو سرڪار ڏانهن باغيانه نه، پر همدردي وارو رهيو آهي، جنهن ڪري پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ رياست ڪاري جو فن وڌيڪ مضبوط ۽ بهتر آهي. جتي به مقامي حڪومت گهڻي عرصي لاءِ مقامي ماڻهن جي هجي ٿي، اتي هو رياست کي يا ان جي ادارن کي پنهنجو سمجهن ٿا، پر اهڙي صورتحال سنڌ ۾ نه رهي آهي، جنهن ڪري ماڻهو رياستي ادارن يا ان جي ڪارندن کي استحصالي ۽ پنهنجو مخالف سمجهن ٿا.

سنڌ جي موجوده حڪومت:

سنڌ ۾ موجوده حڪومت تاريخ ۾ پهريون دفعو ڏهين سال ۾ داخل ٿي آهي. هي 1843ع کان پوءِ پهريون دفعو آهي. سنڌ ۾ سنڌين جي حڪومت بدران ايجنٽن جي حڪومت مسلسل رهڻ سان سنڌ ۾ رياستڪاري جو فن ڪيئن پروان چڙهندو؟ سنڌين جي حڪومت هوندي ته عوام حڪومت، ادارن ۽ رياست سان سلهاڙبو، ڇو ته سنڌ حڪومت يا رياست عوام جي آهي. اهو سنڌ جي عوام جو اقتدار اعليٰ آهي، ڀل ته اهو ڪمزور هجي. هاڻي سنڌ جي اقتدار اعليٰ جي مخالفن کي سور اهو آهي ته سنڌين جي پنهنجي صوبي ۾ ڏهه سال حڪومت ڇو رهي آهي! پنجاب ۾ شهباز شريف چوٿون دفعو وڏو وزير ٿيو آهي، اتي اعتراض هرگز نه آهي. هتي ته سٺي وڏي وزير جو خواب پورو ڪرڻ لاءِ پ پ شريڪ چيئرمين محترم آصف علي زرداري وڏو وزير به تبديل ڪري ڇڏيو، پر پوءِ به چون ٿا ته جيڪر سنڌ جي اقتدار اعليٰ تي سنڌين جي مسلسل حڪمراني نه هجي ۽ مختلف حيلا بهانا ۽ زور هلائي ڪوشش اها ئي ڪئي وڃي ته پيپلز پارٽي جي سرڪار سنڌ ۾ نه هجي. ڀلا اهو ته ٻڌايو ته ڪنهن جي حڪومت هجي؟ ڪهڙي فرد ۽ پارٽي جي هجي؟ جنهن پارٽي 1915ع کان سنڌ تي مڙهيل ون يونٽ خلاف هڪ صدي جدوجهد ڪئي آهي، اها نه هجي، پر مرڪز جا حمايتي اسلام آباد جي مدد سان سنڌ تي حڪومت ڪن! ها اها سٺي ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ حڪومت سان گڏ اپوزيشن ضرور هجي ۽ ڀل اقتدار ۾ به اچي، پر جيڪڏهن اپوزيشن سنڌ جي اقتدار اعليٰ تي ٺاهه ڪري مصنوعي طريقي سان سرڪار ۾ اچي ٿي ته اهو سنڌين لاءِ غلامي جو ڳٽ هوندو.

ارڙهين ترميم:

ارڙهين ترميم ۾ کوڙ ساريون خاميون آهن ۽ مون به ان جي ڪجهه حصن جي مخالفت ڪئي هئي ۽ ڪندو آهيان، پر ان سان سنڌ کي مرڪز جا 22 کاتا واپس مليا، ڪنڪرنٽ لسٽ جو ڳٽ ختم ٿيو. صدارتي نظام جو شوشو ختم ٿي ويو ۽ ان مان سنڌ جي اقتدار اعليٰ ۾ زبردست اضافو ٿيو آهي. سنڌ سرڪار تيل، گئس، وفاق ۾ اين ايف سي، وفاق ۾ نوڪرين ۽ مختلف ادارن کي سنڌ منتقل ڪرڻ تي زبردست موقف رکيو آهي. مرڪز ۾ سنڌ جي نمائندگي هجي يا روزگار وڏي وزير ۽ اسان هر گڏجاڻي ۾ سنڌ جو جائز ۽ حقيقي موقف رکيو آهي. 18 هين ترميم سنڌ لاءِ اقتدار اعليٰ ۾ وڏي ڇلانگ آهي. هڪ ڇلانگ ارڙهين ترميم ۽ ٻي ڇلانگ سنڌ ۾ سنڌين جو اقتدار ۾ ڏهه سال مسلسل رهڻ آهي ۽ ان جو اعزاز پ پ پ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ڏانهن وڃي ٿو، جنهن جي ڪري هن جي مخالفت آهي. ان جي مخالفت جو ٻيو ڪوبه سبب نه آهي. ان ڪري دوستن کي گهرجي ته پنهنجي اکين تان مرڪز جو چشمو لاهين ۽ سنڌ جي عوام جي سنڌ جي اقتدار اعليٰ تي مسلسل حڪمرانيءَ کي پائيدار بڻائين. سنڌ ۾ بدانتظامي ۽ ڪرپشن جو چوٻول ڪمزور رياست ڪاري جي ڪري آهي.

پيپلز پارٽي جي مخالفت:

ڪجهه حلقن ۾ اهو ڏوهه آهي ته جيڪڏهن پ پ جي حمايت ۾ لکيو وڃي. هن پارٽي هڪ صدي سنڌ تي مسلط آمريت ۽ ون يونٽ جي مخالفت ڪئي آهي، جنهن ۾ ڪروڙين ماڻهو آهن. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته سٺي حڪومت لاءِ بهتر اپوزيشن جي ضرورت هجي ٿي ۽ ان جي مخالفت ضروري آهي پر مخالفت ۽ دشمني ۾ وڏو فرق آهي. اسان کي هڪ قوم طور پنهنجي روين کي Subjective نه، پر Objective ٿي ڏسڻو پوندو ۽ خود ساراهه (Self Righteousness) واري بيماري مان نڪرڻو پوندو ته، مان صحيح آهيان ۽ ٻيا غلط. جيڪي دوست لياقت جتوئي ۽ ارباب رحيم کي هار پارائيندا هئا، اهي به ڪرپشن تي لکي رهيا آهن. ڪرپشن تي ڀلي لکو ۽ ڪرپشن کي مڪمل ختم ٿيڻ گهرجي، پر ان تي اهو لکي جيڪو پاڻ به صحيح هجي. سنڌ ۾ پاڻ کي صحيح سمجهڻ وارو وکر جام آهي. ڀل ته جيڪڏهن موقعو نه ملڻ جي ڪري ئي انهن ۾ اها بحراني ڪيفيت هجي. سنڌ ۾ مسلسل ڌاري حڪمراني ۽ مرڪز جي مداخلت جي ڪري سنڌ ۾ رياستڪاري جو فن ڪمزور رهيو آهي. ان ڪري ان جو حل اهو آهي ته سنڌ ۾ سنڌي عوام جي مسلسل حڪمراني هجي ۽ اها اهڙي سياسي پارٽين جي هجي، جيڪي پنهنجي پاليسين ۽ عملن ۾ خودمختيار هجن ۽ مرڪز جي اشاري تي نه هلنديون هجن. سنڌ جو عوام پيپلز پارٽي کي ان ڪري ئي ووٽ ڏئي ٿو، جو اها پنهنجي عمل ۾ خودمختيار آهي ۽ پوري خودمختيار نه به هجي، پر هڪ حد تائين ضرور آهي. مون تي به دوست تنقيد ڪندا آهن ته اوهان سرڪار سان آهيو ۽ وري پاڻ مسلم ليگ جي حمايت ڪندا آهن. معنيٰ مسلم ليگ جي حمايت به صحيح آهي، پر پيپلز پارٽي جي نه- پيپلز پارٽي ته صوبي جي گڏيل پارٽي رهي آهي، جنهن ۾ جڏهن 1934ع ۾ عهديدارن جو اعلان ڪيو ويو ته ان جو پهريون جنرل سيڪريٽري سائين جي ايم سيد هو ۽ سنڌ اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر ميران محمد شاهه، شهيد الهه بخش سومرو، محترم حاتم علوي عهديدارن ۾ شامل هئا. ان ڪري سنڌ جي سياست کي رواداري ڏانهن وڌڻ گهرجي ۽ ذاتي عناد کان پاسو ڪري بردباري ۽ تاريخ کي ڏسڻ گهرجي. مرڪز اسان کي هڪ ٿو سمجهي، ڪجهه نادان دوست سنڌين ۾ نفاق پيدا ڪري رهيا آهن. مون به لکيو هو ته پيپلز پارٽي ۽ قومپرستن ۾ ڪو فرق ڪونهي، پر وچ ڪٽيا ماحول خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. مهان ڪوي شيخ اياز خلاف به انهن تحريڪ هلائي.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *