Tuesday , May 28 2024

پيروسڻ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

سيٺارجا( رپورٽر   سنڌسماءَچار) سيٺارجا ۾ شهرين پير وسڻ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاج ڪندڙ پوليس خلاف نعري بازي ڪندي چيو ته بنا جواز جي پوليس سندن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي. شهرين شفيق، عامر، ظفر اعواڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. مظاهرين چيو ته پير وسڻ پوليس بيگناهه دڪاندار غلام محمد اعواڻ کي گرفتار ڪري ٿاڻي ۾ لاڪپ ڪيو، جنهن کي بعد ۾ پوليس 80 هزار رپيا رشوت وٺي آزاد ڪيو. هنن چيو ته پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي بدران شريف ماڻهن کي بيگناهه گرفتار ڪري رهي آهي، جنهن جو نوٽيس ورتو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته واپاري جي گرفتاري واري معاملي جي جاچ ڪرائي پيروسڻ پوليس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *