ڪراچي ( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي هدايتن باوجود سنڌ ڪابينا پوليس رولز ۾ ترميم ناهي ڪري سگهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس منيب اختر ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته پوليس رولز ۾ تبديلي لاءِ سڄي عمر جو وقت ناهي ڏنو، سنڌ ڪابينا جي اجلاس جا تفصيل 26 فيبروري تائين پيش ڪيا وڃن. جيڪڏهن پوليس رولز ترميم رولز ٺاهڻ ۾ دير ٿي ته عدالت پاڻ معاملي جو جائزو وٺندي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس منيب اختر جي سربراهي ۾ وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل عدالت آڏو پيش ٿي موقف ڏيندي چيو ته، عدالتي حڪم تي سنڌ سرڪار 4 اپاءُ ورتا آهن، آءِ جي سنڌ کي به ڪابينا جي اجلاس ۾گهرايو ويو، جڏهن ته ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.
درخواست گذار فيصل صديقي دليل ڏيندي چيو ته سنڌ ڪابينا جو اجلاس 2 ڀيرا ٿيڻ باوجود وڏي وزير ۽ ڪابينا، پوليس رولز واري فيصلي تي عمل نه ڪرايو آهي. جسٽس منيب اختر ريمارڪس ڏيندي چيو ته پوليس رولز ٺاهڻ لاءِ پوري عمر جو وقت نه ڏنو هو، رولز ٺاهڻ ۾ دير ٿي ته عدالت معاملي جو جائزو وٺندي. عدالت 19 فيبروري تي ٿيل سنڌ ڪابينا جي اجلاس جا 26 فيبروري تائين تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.