Saturday , September 14 2024

”پريا ڪماري جي ويجهو پهتا آهيون“،سنڌ حڪومت جون دعوائون ڪوڙيون ثابت

 

ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) سنگرار مان اغوا ٿيل معصوم نياڻي پرياڪماريءَ جي آزادي/ بازيابي بابت سنڌ حڪومت جون سموريون دعوائون ڪوڙيون ۽ بي بنياد ثابت، پريا جي آزادي وارين ڪوششن ۾ ڪا به اڳڀرائي به نه ٿي، جاچ ڪميٽي رپورٽ ۾ انڪشاف. 3 سال اڳ سنگرار مان عاشور جي ڏينهن ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ پنهنجي والد سان گڏ سبيل پياريندي اغوا ٿي ويل معصوم نياڻي پريا ڪماري جي اغوا ۽ بازيابيءَ لاءِ سنڌ حڪومت پاران جوڙيل سنڌ پوليس جي جاچ ڪميٽي پنهنجي رپورٽ انساني حقن واري ڪميشن / ايڇ آر سي پي وٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

ايڇ آر سي پيءَ وٽ جمع ڪرايل جاچ ڪميٽي جي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته، سکر جي ڏورانهين علائقي جي شهر سنگرار مان  ٽَي سال اڳ معصوم نينگري پريا ڪماري کي سبيل پياريندي اغوا ڪئي وئي هئي، جنهن جي آزادي/بازيابي لاءِ پوليس ڪي به سنجيده ڪوششون ناهن ڪيون. رپوٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ حڪومت خاص طور تي سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار، آءِ جي سنڌ سميت سکر پوليس پيرا ڪماري جي آزادي جي ڪوششن بابت جيڪا دعويٰ ڪئي هئي ته”پرياڪماريءَ جي بلڪل ويجهو پهچي ويا آهيون، جلد وڏي خوشخبري ڏينداسين“، وارين ڳاللهين ۾ ڪنهن به قسم جا ڪابه  صداقت ناهي.

ان سلسلي ۾ سکر پوليس جي هڪ ذميوار آفيسر نالو نه لکڻ جي شرط تي سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، ” پريا ڪماري جي آزادي لاءِ جڏهن به احتجاج يا سماجي رابطن جي ويب سائيٽس تي مهم تيز ٿيندي رهي آهي ته، سنڌ پوليس مخصوص ماڻهن جي معرفت پنهنجي چالبازي واري پاليسي تحت صرف احتجاجن جي رستا روڪ ڪرڻ لاءِ هوندي آهي، حقيقت جو ان سان ڪو به واسيو ناهي هوند”.

هن ٻڌايو ته، ” ڏهين محرم تي پهريون ڀيرو سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزيرن سان  گڏجي شڪارپور ۽ سکر ضلعن خاص طور تي سکر شهر ۽ روهڙي جو دورو به انڪري ڪيو هو ته ڪٿي ڪو ماتمي جلوس پريا جي آزادي / بازيابي لاءِ ڌرڻو نه لڳي، ان سلسلي ۾ سکر سان تعلق رکندڙ صوبائي وزير، ايم پي ايز ۽ پ پ جا مقامي اڳواڻ ماتمي جلوس ڪڍندڙن ۽ مقامي شيعا اڳواڻن سان به رابطن ۾ هئا”.

About Ahmedbilal

Check Also

ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد فوجي تحويل ۾، ڪورٽ مارشل شروع

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد شروع، پاڪ فوج، ليفٽيننٽ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *