Sunday , June 15 2025
Breaking News

پاڻي ڪميشن سکر جي ڪرن شگرملز جي مالڪ کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

 

ڪراچي (رپورٽر    سنڌسماءَچار) پاڻي ڪميشن سربراهه جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم، سکر جي ڪرن شگر ملز جي مالڪ کي گرفتار ڪري ڪميشن آڏو پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.واٽر ڪميشن جي اجلاس دوران سنڌ انوائرمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي / سيپا جي عملدارن رپورٽ پيش ڪندي چيو ته، فيڪٽرين ۾ ماحوليات جي معائني واري معاملي تي سيپا آفيسر ڪميشن کي آگاهي ڏني ته ڪرن شگر مل سکر ۾ کين فيڪٽري اندر داخل نه ٿيڻ ڏنو ويو، جنهن تي امير هاني مسلم شگر مل جي مالڪن کي 9 مارچ تي طلب ڪري ورتو  ۽ ايس ايس پي سکر کي شگر مل مالڪن جي پيشي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو.

 واٽر ڪميشن جي ڪارروائي دوران صحت کاتي ۾ ايم ايس پاران ڪنسلٽنٽ مقرر ڪرڻ تي چيف سيڪريٽري ۽ صحت کاتي ۾ مختصر عرصي وارين مقررين ۽ بدلين بابت سيڪريٽري سروسز کان جواب طلب ڪري ورتا آهن. سپريم ڪورٽ پاران جوڙيل پاڻي ڪميشن جي ڪارروائي جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي. صحت جي سهولتن واري معاملي تي صحت وارو سيڪريٽري فضل الله پيچوهو به ڪميشن آڏو پيش ٿيو.ڪميشن سربراهه چيو ته ايم ايس کي پاليسي جوڙڻ يا ڪنسلٽنٽ مقرر ڪرڻ جي اجازت ڪنهن ڏني آهي؟ چيف سيڪريٽري جواب ڏئي.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *