پاڪستان؛ آمريڪي پابندين سبب پاڪ ايران گئس پائيپ لائن منصوبي تي عمل نه ڪيو، هاڻي پاڪستان کي 18بلين ڊالرز جو ڏنڊ ڀرڻو پئجي سگهي ٿو
ڪراچي ( سنڌسماءَچار نيوز ) پاڪستان ۽ ايران وچ ۾، پاڪ ايران گئس پائيپ لائين منصوبو رولڙي جو شڪار ٿهيڻ جي نتيجي ۾ منصوبو مڪمل ڪرڻ يا معاهدي مطابق نقصان جو ازالو ڪرڻ لاءِ ايران پاڪستان کي آخري نوٽيس ڏئي ڇڏيو آهي، امڪان آهي ته معاملو عالمي ثالثي عدالت ۾ ويندو ايران پاڪستان خلاف 18 بلين ڊالرز هرجاڻي جي دعويٰ ڪندو. پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ پاڪ – ايران گئس منصوبي جي معاهدي تي تڏهوڪي پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت دوران فرانس جي قانون تحت صحيحون ڪيون هيون. جنهن تي 2014 ۾ عملدرآمد شروع ٿيوهو.
پرڏيهي ميديا جي رپورٽس مطابق، فرانس جي تحت جيڪڏهن ايران سيپٽمبر 2024 تائين ثالثي عدالت ۾ وڃڻ جو حق استعمال نه ڪيو ته هو پاڪستان خلاف قانوني جنگ شروع ڪرڻ جو حق وڃائي ويهندو. ”ايران اڳ ۾ پاڪستان کي پنهنجو ٻيو قانوني نوٽيس نومبر-ڊسمبر 2022 ۾ جاري ڪيو جنهن ۾ پاڪستان کي چيو ويو ته ايران-پاڪستان (IP) گئس لائين منصوبي جو هڪ حصو پنهنجي علائقي ۾ فيبروري-مارچ 2024 تائين تعمير ڪري يا 18 بلين ڊالر جو ڏنڊ ادا ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي. ان کان اڳ فيبروري 2019 ۾ تهران اسلام آباد کي ثالثي عدالت ۾ وڃڻ جي ارادي کان آگاهه ڪندي گيس سيلز پرچيز معاهدي (GSPA) جي ڏنڊ واري شق کي سڏڻ جي ڌمڪي ڏني هئي.GSPA 2009 ۾ 25 سالن لاء دستخط ڪيو ويو. پروجيڪٽ تي تجويز ڪيل آمريڪي پابندين جي ڪري2014کان وٺي پروجيڪٽ10سالن کان رولڙي جو شڪار آهي،جي پي ايس اي؛ (گئس سيلز پرچيز ايگريمينٽ (GSPA گيس سيلز خريداري جو معاهدو) فرانسيسي قانون تحت2009 ۾ دستخط ڪيو ويو ۽ پيرس جي بنياد تي ثالثي عدالت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ تڪرارن جو فيصلو ڪرڻ جو فورم آهي، معاهدو فرانسيسي قانون تحت انڪري ڪيو ويو جو ان تحت آمريڪي پابندين قبولڻ جي پابندي ناهي، يعني فرانسيسي ثالثي عدالت آمريڪي پابندين کي تسليم نٿي ڪري.
2024 ۾ پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ شروع ٿيل گئس پائيپ لائين منصوبو، پاڪستان جي سستي ۽ عالمي پابندين جي خوف سبب 10سالن کان رولڙي جو شڪار آهي، منصوبي تي عمل ڪندي ايران پائيپ لائن جي نقشي مطابق پاڪستان جي سرحد تائين پائيپ لائين جو منصوبو مڪمل ڪري ڇڏيو آهي، پر پاڪستان ان تي مڪمل طورت عمل ناهي ڪيو. عالمي ميڊيا جي رپورٽس مطابق پاڪستان جي انٽر اسٽيٽ گيس سسٽم (ISGS) ۽ نيشنل ايراني گيس ڪمپني (NIGC) سيپٽمبر2019 ۾ نظر ثاني ٿيل معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون جنهن تحت ايران پائيپ لائين جي تعمير ۾ دير ٿيڻ جي صورت ۾ ڪنهن به عالمي عدالت سان رجوع نه ڪندو. معاهدي ۾ اهو به طئي ڪيو ويو هو ته پاڪستان ڏهن سالن تائين يعني2024تائين پنهنجي پائيپ لائين وڇائي ڇڏيندو جنهن کانپوءِ ايران مان روزانو 750 ملين ڪيوبڪ فوٽ گيس حاصل ڪندو. پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ نظرثاني ٿيل معاهدي تحت، پاڪستان فيبروري-مارچ 2024 تائين پنهنجي علائقي ۾ پائيپ لائين جو حصو وڇائڻ جو پابند هو. پر ايران پاڪستان کي سهولت ڏني ۽ 180 ڏينهن جي ڊيڊ لائن ۾ واڌ ڪئي جيڪا سيپٽمبر2024 ۾ ختم ٿيڻ واري هئي، ان جي باوجود پاڪستاني اختياريون ان ۾ به ناڪام ٿين ۽ پنهنجي پاسي پاڪستاني حدن اندر پائيپ لائين نه وڇائي، جنهن تي ايران پاڪستاني کي معاهدي تي عمل نه ڪرڻ بابت آخري نوٽيس / اطلاع به ڏئي ڇڏيو آهي.