Wednesday , October 9 2024

پاڪ – ايران گئس پائيپ لائن منصوبو؛ 18 بلين ڊالرز ڏنڊ ڀرڻ جو امڪان

پاڪستان؛ آمريڪي پابندين سبب پاڪ-ايران گئس پائيپ لائين منصوبي تي عمل کان قاصر، ايران جي عالمي ثالثي ۾ وڃڻ واري نوٽيس بعد پاڪستان جو عالمي قانوني فرم جون خدمتون حاصل ڪرڻ لاءِ رابطا جاري

اسلام آباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ايران جو پاڪستان کي گئس پائيپ لائين منصوبي تي عملدارآمد نه ڪرڻ تي 18 بلين ڊالرز جو ڏنڊ پرڻو پئجي سگهي ٿو، ايران جو منصوبو مڪمل نه ڪرڻ تي پاڪستان خلاف عالمي ثالثي عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ پاڪستاني اختيارين جو چوڻ آهي ته؛ پاڪستان آمريڪي پابندين جيڪري پاڪ ايران گئس پائيپ لائين منصوبي تي عمل نه ٿو ڪري سگهي.

موجوده حڪومت جا اعليٰ فيصلا ڪندڙ اعليٰ اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته، ايران پاران گئس پائيپ لائين واري منصوبي جي سلسلي ۾ جيڪو نوٽيس جاري ڪيو آهي، ان تي پاڪستاني اختيارين ايران سان ڳالهيون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان حوالي سان پيٽروليم ڊويزن جي لاڳاپيل اختيارين نوٽيس وٺڻ کانپوءِ حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ پنهنجون مٿو ٽيڪي ويچاريو پيو وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پرڏيهي وزارت، قانون ۽ ناڻي واري وزارت سميت لاڳاپيل اختيارين عالمي ثالثي عدالت ۾ پاڪستان جو دفاع ڪرڻ لاءِ هڪ پرڏيهي قانوني فرم جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهيون آهن؛ جيئن پاڪستان جو ڪيس ثالثي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. اختيارين جو اهو به چوڻ آهي ته “اسان صرف آمريڪي پابندين جي ڪري منصوبي سان وڃڻ کان قاصر آهيون،” سينيئر سرڪاري عملدارن نالو نه لکڻ جي بنياد تي وڌيڪ ٻڌايو ته. ”اسان آمريڪين سان وڏي ڪوشش ڪئي ته آمريڪا آمريڪا کان معافي گهري پر بائيڊن انتظاميه IP گيس لائين منصوبي جي خلاف آهي ۽ مارچ 2024 ۾ آمريڪي ڪانگريس پينل کي اسسٽنٽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ ڊونلڊ لوواضح ڪيو هو ته ”آمريڪا؛ پاڪستان کي چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن ايران گئس پائيپ لائن منصوبو مڪمل ڪيو ويو ته پاڪستان کي ان جا سخت نتيجا اڀوڳڻا پوندا“.

ان منصوبي کي علحدگيءَ واري طريقي سان عمل ۾ آڻڻو هو، مطلب ته ايران کي پنهنجي پاسي کان پائيپ لائين وڇائڻي هئي ۽ پاڪستان کي پنهنجي علائقي ۾ پائيپ لائين وڇائڻي هئي. اهو ڊسمبر2014ع تائين مڪمل ٿيڻو هو ۽ پهرين جنوري2015ع کان فعال ٿيڻو هو. ”پاڪستان ۾ اختيارين سنجيدگيءَ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ گوادر کان ايراني سرحد تائين 81 ڪلوميٽرن جي پائيپ لائين وڇائي IP گيس لائين منصوبي کي جزوي طور تي عمل ۾ آڻڻ جو منصوبو جوڙيو هو پر اها حڪمت عملي به لاڳو نه ٿي سگهي.

About Ahmedbilal

Check Also

ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد فوجي تحويل ۾، ڪورٽ مارشل شروع

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد شروع، پاڪ فوج، ليفٽيننٽ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *