Monday , November 4 2024

پاڪستان ۽ سعودي وچ ۾ سيڙپ لاءِ زراعت سميت مختلف شعبن ۾ معاهدن جون تياريون مڪمل

سعودي عرب، گرين پاڪستان انيشيٽو پروگرام تحت به پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي سيڙپ ڪرڻ لاءِ مختلف منصوبن تي گڏيل طور ڪم ڪيو پيو وڃي، جنهن لاءِ زمين جي دستيابي، پاڻي، بجلي سميت لاڳاپيل سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ ڪم تيزي سان جاري آهي: ذريعا

سنڌ حڪومت سيڙپڪاري لاءِ هڪ وفاقي اداري جي ماتحت ڪم ڪندڙ اداري پنج ارب رپيا قرض ڏيڻ جي منظري ڏيڻ وارو عمل آخري مرحلن ۾ آهي: ذريعا

اسلام آباد ( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپ ڪرڻ لاءِ 27 معاهدا ڪرڻ جون تياريون مڪمل، زراعت جي شعبي کي اوليت ڏني ويندي.پاڪستان جي دوري تي پهتل سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح جي سربراهيءَ ۾ هڪ اعليٰ سطحي وفد سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهتل آهي، صدر آصف علي زرداري، آرمي چيف جنرل عاصم منير سان سعودي وزير جي اڳواڻي ۾ وفد جون ڌار ڌار ملاقاتون ڪري سيڙپڪاري، گڏيل دلچسپي ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق. اسلام آباد ۾ پاڪ-سعودي بزنس فورم جي تقريب کي خطاب ڪندي سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح چيو ته، پاڪستان مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري لاءِ تيار آهي، ان سلسلي ۾ پاڪستان سان سيڙپڪاري ۽ واپاري جي 27 ايم او يوز تي صحيحون ڪيون وينديون. سعودي عرب جي سيڙپڪاري وزير بزنس فورم کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان اسان لاءِ ٻيو گهر آهي، پاڪ-سعودي بزنس فورم جي تنظيم هڪ مثبت قدم آهي. خالد بن عبدالعزيز الفالح چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ واپاري لاڳاپا اهم آهن جڏهن ته پاڪستان مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جو خواهشمند آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ باهمي واپار ۾ نمايان واڌارو آيو آهي. سندس چوڻ هو ته، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ مذهبي ۽ روحاني لاڳاپا آهن، اسان جي معيشت ۽ سماجي قدر هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. پاڪستان ۽ سعودي عرب کي ڪنهن به معاهدي جي ضرورت ناهي ڇو ته اسان متحد آهيون. هن چيو ته سعودي عرب ۾ اڍائي لک پاڪستاني خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن.

سعودي سيڙپڪاري واري وزير سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير صدر آصف علي زرداري ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ڌار ڌار ملاقتون به ڪيون، سندس جو چوڻ هو ته، صدر آصف زرداري پاڪ سعودي دوستي جي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي زور ڏنو. ايس آءِ ايف سي جي سهولت اسان لاءِ اهم آهي، ان تحت پاڪستان سان 27 ايم او يوز تي صحيحون ڪيون وينديون. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا لامحدود آهن، پاڪستان معيشت جي بهتري لاءِ قدم کنيا آهن. پاڪستان ۾ سعودي سيڙپڪاري وڌي رهي آهي. آرمي چيف سعودي عرب لاءِ ريڊ ٽيپ بدران ريڊ ڪارپيٽ لڳائڻ تي زور ڏنو.

ان سلسلي ۾ ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته، سعودي عرب، گرين پاڪستان انيشيٽو پروگرام تحت به پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي سيڙپ ڪرڻ لاءِ مختلف منصوبن تي گڏيل طور ڪم ڪيو پيو وڃي، جنهن لاءِ زمين جي دستيابي، پاڻي، بجلي سميت لاڳاپيل سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ ڪم تيزي سان جاري آهي. جنهن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏيل طور ڪم ڪندا، جنهن ۾ توانائي جي شعبي ۾ سولر انرجي پروگرام به شامل آهي، جيئن گرين پاڪستان انيشيٽو پرگرام لاءِ سستي بجلي مهيا سگهجي. ذريعن دعويٰ  ڪئي آهي ته، سنڌ حڪومت سيڙپڪاري لاءِ هڪ وفاقي اداري جي ماتحت ڪم ڪندڙ اداري پنج ارب رپيا قرض ڏيڻ جي منظري ڏيڻ وارو عمل آخري مرحلن ۾ آهي.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ ڪابينا جو ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت عدالتي حڪم جي ابتڙ منظوري

سنڌ ڪابينا،ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪيو، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *