اسلام آباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ جي عملدارن ۾ ڳالهين جو پهريون دور اسلام آباد ۾ ختم ٿيو ويو،امڪان آهي ته پاڪستان، آئي ايم ايف کان ڇهن کان اٺن ارب ڊالرن جي پئڪيج جي گهر ڪندو. خزاني جي وزارت جي آفيس ٿيل ۾ آءِايم ايف، پاڪستان جي خزاني جي عملدارن سان ڳالهيون ڪيون.ذريعن مطابق آءِ ايم ايف سان اڄ ٽيڪنيڪل سطح تي ڳالهيون ٿيون.ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف سان پاليسي سطح جون ڳالهيون سومر تي ٿينديون.جنهن دوران پاڪستان قرض جي ماليت بابت ڪاٿو ڳالهين جي آخر ۾ پيش ڪندو.امڪان آهي ته پاڪستان، آءِ ايم ايف کان 6 کان 8 ارب ڊالر قرض گهري سگهي ٿو.ذريعن ٻڌايو ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ ڳالهيون 20 نومبر تائين جاري رهنديون.
Check Also
پاڪ – ايران گئس پائيپ لائين؛ پاڪستان کي ايران جو آخري نوٽيس
پاڪستان؛ آمريڪي پابندين سبب پاڪ ايران گئس پائيپ لائن منصوبي تي عمل نه ڪيو، هاڻي …