تصوير ۾ نظر ايندڙ سنڌي ٽوپي ۽ شلوار قميص پهريل عبدالستار ڏيرو-فائل فوٽو
ڪراچي (اصغر آزاد سنڌ سماءَ چار) دبئي ۾ مستقل رهائش اختيار ڪندڙ، مبينا طور آصف زرداري جي فرنٽ مين طور مشهور ۽ پورٽ قاسم اٿارٽي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل عبدالستار ڏيرو خلاف جاچ شروع شروع ڪئي وئي آهي. نيب اختيارين موجب، ستار ڏيرو جي به آفشور ڪمپني آهي. آفشور ڪمپني اسٽيون ايج انويسٽمينٽ لميٽيڊ نالي ڪمپني ۾ سندس گهرواري سميت ٻين گهر ڀاتين جا شيئرز/حصيداري آهي ۾ شامل آهن، جن خلاف به نيب جاچ ڪندي.
نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي ڊي جي پورٽ قاسم اٿارٽي عبدالستار ڏيرو آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهيون، ڊي جي طور اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو ۽ سرڪاري خزاني کي به گهاٽو پهچايو. هن جي آفشور ڪمپني آهي، جنهن جي سيڙپڪاري ۽ ملڪيتون اربين رپين ۾ آهن. عبدالستار ڏيرو جي آفشور ڪمپني ۾ جيڪي حصيدار آهن انهن ۾ زاهده ڏيرو، فواد ستار ڏيرو ۽ عبدالستار ڏيرو شامل آهن.
ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي معلوم ٿيو آهي ته، ستار ڏيرو جون سندس مٽن مائٽن جي نالي تي، ڪراچي ۾ ڊفينس، گلشن اقبال ۽ گلشن حديد کانسواءِ لاڙڪاڻو ۽ حيدر آباد ۾ به ملڪيتون آهن، جن بابت به انڪوائري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اهي ملڪيتون جن ماڻهن جي نالن تي آهن، انهن جي آمدني انهن ملڪيتن سان برابري نه ٿي رکي.
Status: Active
The Panama Papers data is current through 2015
Countries:
United Kingdom
Source: Panama Papers
Address: PATERNOSTER HOUSE 65 ST PAUL’S CHURCHYARD EC4M 8AB LONDON UNITED KINGDOM
Jurisdiction: BVI (British Virgin Islands)
Connections
From | Type | To |
LUBBOCK FINE (LONDON) | Intermediary of | DESTINY INVESTMENT DEVELOPMENT LIMITED |
ZAHIDA DERO | Shareholder of | DESTINY INVESTMENT DEVELOPMENT LIMITED |
FAWAD SATTAR DERO | Shareholder of | DESTINY INVESTMENT DEVELOPMENT LIMITED |
FAHAD SATTAR DERO | Shareholder of | DESTINY INVESTMENT DEVELOPMENT LIMITED |
Abdul Sattar Dero | Shareholder of | DESTINY INVESTMENT DEVELOPMENT LIMITED |
STEVENAGE INVESTMENTS LTD | Shareholder of | DESTINY INVESTMENT DEVELOPMENT LIMITED |