پاراچنار کي هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگرديءَ جو نشانو بڻايو ويو، امام بارگاهه تي بم حملي جي نتيجي ۾ شهيدن جو انگ 24 ٿي ويو ۽ 90 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. پولٽيڪل انتظاميا موجب ڌماڪو پارا چنار جي وچ شهر ۾ واقع امام بارگاهه جي دروازي وٽ ٿيو. ڌماڪي جي نتيجي ۾ 15 ڄڻا شهيد ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا جڏهن ته شهيدن ۽ زخمين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. ڌماڪو ايترو ته زوردار هو جو ان جو آواز پري پري تائين ٻـُڌو ويو. پوليٽيڪل انتظاميا موجب ڌماڪي کانپوءِ زخمين کي مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو ۽ سمورن طبي مرڪزن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. زخمين مان وڌيڪ 9 ڄڻا زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا جنهن بعد شهيدن جو انگ 24 ٿي ويو.
اسپتال انتظاميا جي اپيل تي ماڻهو رت جو عطيو جمع ڪرائي رهيا آهن جڏهن ته پاڪ فوج جا هيليڪاپٽر به طبي امداد لاءِ پارا چنار پهچي ويا. واقعي کانپوءِ سڪيورٽي فورسز ۽ ليويز علائقي جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو جڏهن ته علائقي ۾ سرچ آپريشن به جاري آهي. اکين ڏٺن شاهدن موجب ڌماڪيدار مواد هڪ ڪار ۾ رکيو ويو هو جڏهن ته پوليٽيڪل انتظاميا ۽ سڪيورٽي فورسز طرفان ڌماڪي جي نوعيت جي تصديق نه ڪئي وئي آهي. هوڏانهن آئي ايس پي آر موجب ڌماڪي ۾ زخمين جي طبي امداد لاءِ آرمي ايوي ڪيوشن يونٽ سان تعلق رکندڙ هيلي ڪاپٽر واقعي واري هنڌ موڪيلو ويو، زخمين مان 20 ڄڻن کي سي ايم ايڇ اسپتال منتقل ڪيو ويو. جن مان 7 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ڌماڪي بعد زخمين کي اسپتال منتقل ڪري سمورن طبي مرڪزن تي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪس، نرسن سميت لاڳاپيل اسٽاف کي طلب ڪيو ويو.