ٽنڊو غلام حيدر ڀرسان ٻن ڪارن ۾ ٽڪر، گولاڙچي واسي 3 ڄڻا فوت

سومرا فارم اسٽاپ ڀرسان ٻن ڪارن ۾ ٽڪر، هڪ ڪار کاهي ۾ ڪري پئي، 3 ڄڻا فوت

ٽنڊو غلام حيدر ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ٽنڊو غلام حيدر ويجهو ٻن ڪارن ۾ ٽڪر، هڪ ڪار کاهي ۾ ڪري پئي، گولاڙچي واسي ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا فوت ۽ هڪ ٻارڙي سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پي. سومرا اسٽاپ وٽ تيز رفتار ٻن ڪارن ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ گاڏي کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن ۾ سوار گولاڙچاي واسي فقير محمود چيمان سندس گهر واري 50 سالن مقصودان چيمان ۽ نيلم چيمان ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا، حادثي ۾ هڪ معصوم نينگري زويا سخت زخمي ٿي پئي. حادثي جو اطلاع ملڻ تي ٽنڊوغلام حيدر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتين ۽ زخمي نينگري کي ٽنڊوغلام حيدر سرڪاري اسپتال آندو جتان ضروري ڪاروائي بعد فوتين جا لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيا ۽ زخمي نينگري زويه جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي. اطلاع تي وارث پهچي لاش پنهنجي شهر گولاڙچي کڻائي ويا جڏھن ته لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو واقعي جو اڃا تائين ڪو به ڪيس وغيره داخل ناهي ٿي سگهيو ٽنڊوغلام حيدر پوليس پاران هڪ ڪار واري کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو،جڏھن ته فوتي گولاڙچي شهر جا رهواسي هئا جيڪي حيدرآباد کان سندن پنهنجي شهر گولاڙچي وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ حادثو پيش آيو.

About Asghar Azad

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *