Sunday , March 3 2024

ٽنڊو بهاول سانحو، مائي جندو جي جدوجهد ۽ سانحي جو پسمنظر- اصغر آزاد

اسان جي ٽين ايج واري نسل وارا تمام گهٽ ڄاڻندا هوندا ته، ٽنڊو بهاول سانحو ڇا هو، مائي جندو ڪير هئي ۽ ميجر ارشد ۽ سندس 14 ساٿين، لالو محي الدين افغاني پٺاڻ ڪير هئا ۽ سندن ساٿاري مقامي ماڻهو ڪير هئا.

(هن مضمون ۾ رڪارڊ جي  اخبارن، ڪاوش، سنڌ، ڊان سميت مختلف  اخبارن، ان دور جي ڪجهه سرگرم ماڻهن کان گڏ ڪيل معلومات آهي.

ٽنڊو بهاول سانحو: ضلعي ۽ تعلقي حيدرآباد جي ڳوٺ ٽنڊي بهاول سان خونريزيءَ جو هڪ جڳ مشهور سانحو ٿيو، جنهن ۾ 9 ڳوٺاڻن کي دهشتگرد قرار ڏئي شهيد ڪيو ويو هو، واقعي ۾ ڄڻو سخت به زخمي ٿيو، شهيدن ۾ منٺار پٽ محمد بخش چانڊيو، حاجي اڪرم پٽ ڪمال چانڊيو، بهادر پٽ محمد بخش چانڊيو، ڪنڊو پٽ محمود خاصخيلي، جاويد پٽ محمود خاصخيلي، غلام مصطفيٰ پٽ غلام محمد بروهي، شفيع محمد پٽ غلام علي ڀرڳڙي، هملُو پٽ ڏُجهو ڪولهي، ڌڻي بخش پٽ صوف شامل هئا.

 

روزاني ڪاوش فائل

5 جون 1992ع جي هڪ شام جو قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي هڪ ڪئپٽن ارشد جميل جي سربراهي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ۽ سوِل ماڻهو گاڏيون ڀري سج لهڻ مهل ڳوٺ ٽنڊي بهاول تي ڪاهه ڪئي. اُن وقت هاري ۽ پورهيت ٻنين، ملن ۽ بٺن تان سڄي ڏينهن جي پورهيئي ڪرڻ کانپوءِ واپس پنهنجن پنهنجن اجهن ڏانهن وڃي رهيا هئا. سندن گهرن ۾ انتظار هو، ڪنهن جي ماءُ، وني، نياڻي، ڀيڻ، ابو، ڀاءُ ته ڪنهن جوسڄو عيال سندن دڳ ڏسي رهيو هو ته، اُهي اچن ته کين ماني ڳڀو يون، ڪي ان انتظار ۾ هئا ته اٽو ۽ ڀاڄي آڻيندا ته پيٽ جي باهه وسائڻ لاءِ ڳڀو پچائجي. بحرحال؛ کين ڪهڙي خبر ساڻن ڪهڙو بغداد ٿيڻ وارو آهي. اوچتو ئي اوچتو، اوچتو ڄاڻايل گاڏين وارا گهرن ۾ ڪاهي پيا ۽ ڏهن (10) ئي ڳوٺاڻن کي کنڀي درياهه پار ٻئي ضلعي دادو (هاڻوڪي ضلعي ڄامشوري) کڻي ويا ۽ ڄامشوري پُل ڀرسان پاڻيءَ جي پمپنگ اسٽيشن لڳ کين مقابلو ڄاڻائي ماري ڇڏيو.

ان ڪوڙي مقابلي جو ڪيس ڄامشورو ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو. ان ڪيس جي ايف آءِ -آر- نمبر 92/57 ، تاريخ 6 جون 1992 تي سرڪاري مدعيت ۾ داخل ڪئي وئي. اُها ايف آءِ آر U/S 307,353,148,149 (4) B-Explosive Substance Act 1958 تحت داخل ڪئي وئي هئي. ان ايف آءِ آر ۾ شهيد ٿيل ڳوٺاڻن کي اڻ ڄاتل ڄاڻايو ويو، جيڪي قانون نافذ ڪندڙن سان مقابلي ۾ ماريا ويا هئا. اها ايف آءِ آر ٿاڻي جي اسٽيشن هائوس آفيسر (ايس ايڇ او) ملوڪ چنڙ، سب انسپيڪٽر مشتاق ۽ الهڏني جي مدعيت ۾ ڪٽرائي وئي هئي. ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو هو ته، اهي ماڻهو( ڳوٺاڻا) هڪ پاڙيسري ملڪ جا دهشتگرد هئا. پرڏيهي ملڪ جا هٿ آيل هٿيار به ميڊيا کي ڏيکاريا ويا هئا، جن ۾ چار ڪلاشنڪوفز،12 گولين واريون ميگزينون، 4 گرنيڊ،36 دستي بم، 36 ڊيٽونيٽرز، 36 ڪلوگرام ڌماڪيدار مادو، هڪ شارٽ گن هٿيار آيل هٿيارن ۾ ڌيکاري  وئي هئي. اهڙي نام نهاد ڪارنامي تي اهڙي ڪارنامي تي شروعات ۾ سنڌ جي دوري تي آيل تڏهوڪي وزيراعظم ميان نواز شريف به کيس ساراهيو هو. ٽنڊو بهاول سانحي کي ان وقت ئي سنڌي ميڊيا سان گڏ بي بي سي شڪي ڏيکاريو ته سنڌ جي سياسي پارٽين کي بعد ۾ احساس ٿيو ۽ اُهي به ميدان ۾ نڪري پيون.

سنڌ جي سياسي ۽ سماجي تنظيمن انهيءَ واقعي کي هٿ ناٽ قرار ڏئي سڄي معاملي جي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو. سانحي جي متاثرن جي سرواڻي مائي جندو چانڊيو ڪئي، جنهن جي ساٿ ۾ سڄي سنڌ ساڻن گڏ بيهي رهي. انصاف لاءِ احتجاج جو مرڪز ته حيدر آباد هو پر ان احتجاج جو سڄي سنڌ ۾ هڪ نه کٽڻ وارو سلسلو شروع ٿي چڪو هو. ڳوٺاڻن سميت سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو نتيجو اِهو نڪتو جو ڳوٺاڻن جي ناحق مارڻ جو ٻيو ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جنهن جي ٻي ايف آءِ آر 8 جون 1992 تي؛ سيريل نمبر 42/92، مائي جندو جي پري جي مائٽ ۽ اٽارني درياخان عرف خميسي خان ڀرڳڙيءَ فرياد تي حيدرآباد جي هوسڙي ٿاڻي تي رات جو 10 وڳي، واقعي جي 75 ڪلاڪن کان پوءِ داخل ڪئي  وئي. انهيءَ واقعي تي گهڻين ئي سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ٽنڊي بهاول پهچي عذر خواهي ڪئي ۽ مظلوم ڳوٺاڻن کي انصاف ڏيارڻ ۾ ساٿ ڏيڻ جو وعدو ڪيو. 15 جون 1992 تي بينظير ڀٽو ٽنڊي بهاول پهچي شهيدن جي وارثن سان تعزيت ڪئي. بينظير ڀٽو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته، ”جن جا ڀائر ۽ والد ماريا وڃن ٿا، انهن جو ڏک آءٌ ڄاڻان ٿي.“

ڳالهه اُتي ختم نه ٿي ٿئي، ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کانپوءِ انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ ڪيس کي انجام تائين پهچائڻ لاءِ جدپجهد شروع ٿي وئي. جنهن دوران 24 جون 1992 تي چيف آف آرمي اسٽاف آصف نواز جنجوعا ۽ وزيراعظم نوازشريف جي جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) ۾ ملاقات ٿي ۽ ٻنهي ٽنڊي بهاول واري واقعي جي اصل حقيقت کان دير سان آگاهه ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. ڳوٺاڻن جي سخت احتجاج ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي پنهنجي ڳجهي جاچ ۾ ميجر ارشد جميل ۽ 14 ٻين سپاهين جو آرمي چيف آصف نواز جنجوعا جي حڪم تي 24 جون 1992 تي ڪورٽ مارشل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. لڳ ڀڳ هڪ مهيني کانپوءِ؛ 8 جولاءِ 1992 تي آرمي ڪورٽ ۾ ميجر ارشد جميل ۽ سندس 14 ساٿين تي ڪيس هلڻ شروع ٿي ويو. جن تي ڪيس هليو انهن ۾ ڪئپٽن ارشد جميل، حوالدار محمد اقبال، حوالدار محمد اڪرم،  حوالدار غلام محمد، نائڪ رحمان دين، لائنس نائڪ پرويزاختر، لائنس نائڪ گل محمد، نائڪ محمد رزاق، لائنس نائڪ خضر حيات، لائنس نائڪ فلڪ شير، لائنس نائڪ نصرالله خان، لائنس نائڪ شير صمد خان،  لائنس نائڪ محمد يونس، لائنس نائڪ خالد حسين تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو، جنهن مطابق 2 جون 1992 تي چوريءَ جي پڪ اپ ۾ پرڏيهي ملڪ جا هٿيار هٿ ڪرڻ 5 جون 1992 تي ڳوٺاڻن کي اغوا ڪري مارڻ، هٿ ناٽ سان اهي هٿيار ڳوٺاڻن تي مڙهڻ ۽ ڄامشوري ٿاڻي تي لاش آڻڻ وارا الزام هئا. جن بابت اکين ڏٺن شاهدن جا بيان پڻ رڪارڊ ٿيا ۽ هڪ ڳوٺاڻي زخمي عثمان خاصخيليءَ ميجر ارشد جميل کي سڃاتو ته ”اهو ماڻهو پٺاڻ لالي محي الدين ۽ سندس ڀيڻوئي غلام نبيءَ وٽ ٽنڊي بهاول ۾ ايندو رهندو هو“.

فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جي پهرين ڪارروائي، 8 جولاءِ 1992 تي ٿي. ڪورٽ آف انڪوائري ۾ برگيڊيئر شوڪت جي سربراهي ۾ اکين ڏٺن شاهدن پاران بيان رڪارڊ ڪرايا ويا. جن ۾ زخمي عثمان خاصخيليءَ کان سواءِ امام بخش چانڊيو، درياهه خان ڀرڳڙي، سوجهي ڪولهي، هوسڙي ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ پمپنگ اسٽيشن ڄامشوري جي ڊرائيور الهڏني بروهيءَ کان سواءِ ٽريفڪ پوليس جي اي ايس آءِ شمس الدين بيان ڏنو ته، ڪيپٽن ارشد جميل جي استعمال هيٺ ٽويوٽا هاءِ لڪس، ڊبل ڪيبن پِڪ اَپ نمبر 1310 کي هُن بيگر ۾ جهلي ڪئپٽن جي حوالي ڪيو هو. جنهن کي هڪ ڊاڪٽر هلائي رهيو هو. گاڏيءَ ۾ ڪاٺ جون پيتيون هيون، هاڻ معلوم ٿيو آهي ته اها گاڏي اصل ۾ چوريءَ جي هئي ۽ تيل ڳولڻ واري ڪمپني يونين ٽيڪساس جي ملڪيت هئي. اها گاڏي هن ميجر ارشد جميل جي حوالي ڪئي. 30 جولاءِ 1992 تي ميجر ارشد جميل ۽ ٻين خلاف ڪيس ۾ شاهديون رڪارڊ ڪرڻ وارو عمل مڪمل ٿيو. جنهن کانپوءِ 29 آڪٽوبر1992 تي فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل ميجر ارشد جميل کي موت جي سزا ۽ 13 فوجي اهلڪارن کي عمر قيد جي سزا جو فيصلو ٻڌايو. جڏهن ته هڪ ملزم لائنس نائڪ شير صمد خان کي آجو قرار ڏئي آزاد ڪيو ويو هو

12 نومبر 1992 تي سينيٽ پاران ڪنهن به فيلڊ جنرل ڪورٽ طرفان ٻڌايل سزا واري هر فيصلي خلاف اعليٰ عدالتن ۾ اپيل جو حق ڏيڻ جو فيصلو آيو، جڏهن ته قومي اسيمبلي اهڙي اپيل واري حق بابت فيصلو اڳ ۾ ئي ڏئي چڪي هئي. انهيءَ عرصي وچ ۾ سويلين قاتلن مان لالو غلام محي الدين جاچ دوران 11 جون 1992 تي پوليس تحويل ۾ دل جو دورو پوڻ سبب مري ويو هو. سندس ڀيڻويو غلام نبي افغاني، افغانستان ڀڄي ويو هنو. مشتاق اعواڻ ۽ محي الدين جو پُٽ غلام نبيءَ کي سيشن ڪورٽ حيدرآباد 1995 ۾ عمر قيد سزا ٻُڌائي هئي. ان جي اپيل ۾ هاءِ ڪورٽ ساڳي سزا بحال رکي. 2009  ۾ اهي ملزم عمر قيد سزا ڪاٽي آزاد ٿي ويا.

اڳوڻي ميجر ارشد جميل کي مليل ’فيلڊ ڪورٽ جنرل‘ جي سزا تي عمل درآمد ڪرائڻ لاءِ ٽنڊي بهاول جي شهيدن جي وارثن قومي ساٿ جي پليٽ فارم تان احتجاج شروع ڪيو، جيڪو حيدرآباد کان وٺي ايوان صدر اسلام آٻاد تائين هليو. چيف آف آرمي اسٽاف پاران رحم جي اپيل رد ڪرڻ جي ڄاڻ جي ايڇ ڪيو جي ليٽر نمبر No/4868/168/C/PC-2 / تاريخ/ 14 سيپٽمبر 1993 ذريعي سپرنٽينڊنٽ آف سينٽرل جيل، حيدرآباد کي ڏني وئي. اها اپيل ڪئپٽن (ر) ارشد جميل 10 ڊسمبر 1992 تي ڪئي هئي. آرمي ايڪٽ 1952آف XXX/X ۾ ٿيل ترميمي ايڪٽ 1992 جي شق نمبر 133-B تحت اپيل جو حق نه ڏيڻ بابت جي. ايڇ. ڪيو پاران ليٽر نمبر: 482/15735/PS-1(D)، /تاريخ/ 26آڪٽوبر1993ذريعي جيل سپرنٽينڊنٽ کي سُڌ ڏني وئي. اها اپيل 14 آڪٽوبر1993 تي ڪئي وئي. جيڪا ٻن هفتن ۾ رد ڪئي وئي. صدر فاروق لغاري 31 جولاءِ 1995 تي اڳوڻي ميجر ارشد جميل جي رحم جي اپيل رد ڪئي. جنهن تي گهرو کاتي سنڌ جي ليٽر نمبر No: JB/13513/14، تاريخ: پهرين آگسٽ 1995 تي ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ حيدرآباد کي ڄاڻ ڏني ته ارشد جميل جا وارث 7 آگسٽ کان پهرين آخري ملاقات ڪن. ڇو ته کيس سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ 4-5 وڳي جي وچ ۾ ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويندو. جنهن بعد سندس تڪ اٽڪ مان چونڊيل ميمبر قومي اسيمبلي ملڪ لال خان 2 آگسٽ کان حيدرآباد ۾ پنهنجي لطيف آباد واري گهر تي ڪئمپ قائم ڪري قاتل ارشد جميل جي زندگي بچائڻ لاءِ رابطا شروع ڪري ڏنا.

آگسٽ 2 تي قومي ساٿ ۽ ٽنڊي بهاول جي ڳوٺاڻن پاران ڦاهيءَ جي سزا تي عمل درآمد ڪرائڻ لاءِ مظاهرن جو سلسلو شروع ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻارڙن جو وڏو انگ شريڪ ٿيندو هو. 3 آگسٽ تي ملڪ لال خان قومي ساٿ جي اڳواڻن سان ميجر ارشد جميل جي معافيءَ لاءِ رابطي لاءِ سندن قومي ساٿ جي آفيس تي پهتو، فهميده قريشي ۽ حفيظ قريشيءَ کيس کُتو جواب ڏنو. ملڪ لعل خان اهڙو بيان پاڻ ڏنو ۽ چيو ته آءٌ ٻين ماڻهن سان رابطي ۾ آهيان.

ملڪ لعل خان شروعات واري سياسي زندگيءَ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جو ورڪر هو، هن کيس پيٽرول پمپن جون پرمٽون ڏنيون، هو پ.پ جو خزانچي به بڻيو هو. ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي شهادت کان پوءِ هو مرحوم غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جي نيشنل پيپلز پارٽيءَ ۾ مرڪزي اڳواڻ ٿيو، آخر ۾ هو مسلم ليگ نواز گروپ ۾ شامل ٿي ايم. اين. اي بڻيو هو. 9 آگسٽ تي ٽنڊي بهاول جي ڳوٺاڻن ۽ قومي ساٿ جي اڳواڻن پريس ڪلب حيدرآباد آڏو مظاهرو ڪندي مطالبو ڪيو ته ”ٽنڊي بهاول جي شهيدن جي مک قاتل جا بليڪ وارنٽ جاري ڪيا وڃن ۽ ٻين روپوش ٿي ويل قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي.“ پهرين سيپٽمبر تي پريس ڪلب آڏو مائي جندو اعلان ڪيو ته صدر قاتلن جي سزا تي عمل درآمد کي روڪيو ته پاڻ کي ساڙينداسين. بعد ۾ پهرين حيدرآباد ۾ هاءِ ڪورٽ جي سرڪٽ بئنچ ۾ ارشد جميل جي وڏي ڀاءُ محمد پرويز آرمي ايڪٽ 155 ۾ ٿيل ترميم (B) 133 تحت ڊبل بئنچ ۾ سزا خلاف آئيني پٽيشن نمبر 454، 3 آگسٽ 1995 تي داخل ڪئي هئي. جنهن دوران صدر فاروق احمد لغاري پاران پهريون ڀيرو آگسٽ- ۽ ٻيهر سيپٽمبر 1995ع ۾ ٻه ڀيرا، هڪ هڪ مهيني لاءِ سزا تي عمل درآمد روڪڻ جا آرڊر جاري ڪيا ويا. هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ ميجر (ر) ارشد جميل جو وڪيل حيدرآباد جو سياسي اڳواڻ نواب مرزا هو، جيڪو پوءِ سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر به بڻيو ۽ ڪيس جي هر شنوائيءَ تي قومي ساٿ جي اڳواڻ فهميده قريشي، مائي جندو، زيب النساءِ، صاحبزادي ٻٻر، تيجي ڪولهڻ ۽ هنن جا ننڍڙا ٻار ۽ ٻيا حمايتي هاءِ ڪورٽ آڏو احتجاج ڪندا رهيا هئا.

26 سيپٽمبر 1995ع تي ڊبل بئنچ جي ججن جسٽس راڻا ڀڳوان داس ۽ جسٽس امان الله عباسيءَ فيصلو ڏنو ته ”هاءِ ڪورٽ اهڙي سزا ۾ مداخلت جو حق نٿي رکي.“ 27 سيپٽمبر 1995ع تي ٽنڊي بهاول جي شهيدن جي وارثن مائي جندو، شير خان ڀرڳڙي، صاحبزادي -ٻٻر-، قومي ساٿ جي اڳواڻن فهميده قريشي، حفيظ قريشيءَ ۽ ٻين ايوان صدر اسلامآباد آڏو صدر پاڪستان پاران ميجر ارشد جميل جي سزا تي عمل درآمد 30 ڏينهن لاءِ ٻه ڀيرا روڪرائڻ واري عمل خلاف مظاهرو ڪيو. اُتي مظاهري کي روڪڻ جو -اسلام- -آباد- ۾ بندوبست ڪيل هو. ايوانِ صدر آڏو مظاهري پهچڻ شرط چئن ڄڻن جي وفد کي ايوانِ صدر ۾ گهرايو ويو. جن ۾ مائي جندو، شيرخان ڀرڳڙي، مائي صاحبزادي -ٻٻر- ۽ حفيظ قريشي شامل هئا. ايوانِ صدر جي قانون واري ڊائريڪٽر جنرل برگيڊيئر (ر) احمد جهانزيب وفد کي چيو ته ”هاڻ کين وڌيڪ مهلت نه ملندي، ڪئپٽن (ر) ارشد جميل جو ڀاءُ محمد پرويز ۽ ٻيا هتي اچي اسان کي ورغلائن ٿا ته سمورن مقتولن (شهيدن) جي خاندانن سان ٺاهه ٿي ويو آهي، باقي هڪ خاندان رهيو آهي.“ مائي جندو کي تمام گهڻو اطمينان ڏياريو ويو ته ”هاڻ وڌيڪ ٽائيم نه ڏنو ويندو.“ هن حيدرآباد واپس اچي 30 سيپٽمبر 1995ع تي حيدرآباد پريس کي ٻڌايو ته کيس يقين آهي ته انصاف ملندو. آڪٽوبر 3 جي ڪاوش ۽ ٻين اخبارن لکيو ته سزا تي عمل روڪرائڻ جو مدو جيڪڏهن نه وڌايو ويو ته هفتي اندر قاتل ارشد جميل کي سزا اچي ويندي.

4 -آڪٽوبر- 1995ع تي ارشد جميل جي وڏي -ڀاءُ- محمد پرويز جي آئيني درخواست جي سپريم ڪورٽ جي جسٽس سعيد الزمان صديقيءَ ٻڌڻي ڪري سزا تي عمل درآمد روڪرائڻ لاءِ ’Stay Order‘ جاري ڪيو. ايوان صدر کان پوءِ سپريم ڪورٽ پاران مليل ‘Stay Order’ ٽنڊي بهاول جي شهيدن جي خاندانن کي تمام گهڻو مايوس ڪيو. تر جي وڏيرن الهرکيي گوپانگ کان وٺي، سنڌ جي پيرن، سيدن ۽ سياسي گادين جو دٻاءُ ٺاهه ڪرائڻ لاءِ وڌيو ته مائي جندو چوڻ شروع ڪيو ته ”ميجر (ارشد جميل) سنڌ جي راڄ جو ماڻهو نه آهي، اسان جي ٻچن جيڪر سندس ڪڪڙ کنئي هئي ته اسان مينهن ڀري ڏيون ها، پر هن اسان جا ناحق خون ڪيا آهن، خون ڪونه بخشينديس.“ ٽنڊي بهاول جي شهيدن جي وارثن کي -ان- ريت وڏيرن، ڪامورن، پيرن ۽ سيدن تمام گهڻو ڪڪ ڪيو، اَڪري (ضلعي ڄامشوري) جو هڪ بزرگ سيد جنهن جي مٽي مائٽي سرحد جي پٺاڻن سان هئي، هو ماڻهن جي وڏي انبوهه سان گڏ ٽنڊي بهاول جي پورهيتن جي قاتلن جي عزيزن ۽ دوستن سان ڳوٺ پهتو. هنن سان تر جي وڏيري الهرکئي گوپانگ جو نوجوان پٽ به گڏ هو، شهيد غلام مصطفيٰ بروهيءَ جي وڏي ڀاءَ محمد بروهيءَ اڳتي وڌي کين چيو ته اوهان جنهن جي چوڻ تي آيا آهيو، اهو توهان سان گڏ نه آيو آهي، -ان- مان سمجهو ته هتان ”اوهان کي مانَ نه ملندو، بهتر آهي ته واپس هليا وڃو!“ انهيءَ زوري ٺاهه ڪرائڻ واري انبوهه مائي جندو ۽ سندس ڌيءَ زيب النساءِ کي مڇرائي وڌو. ماڻهن جي چوڻ موجب ”انهيءَ وير اهي مايون ڄڻ -باهه- جا گولا هجن، جيڪي سوين ماڻهن تي هلان ڪري ڦرن پيا.“ اهڙي ريت ان دور ۾ وڏيرن، پيرن، سيدن ۽ وس وارن، ٽنڊي بهاول وارن لاءِ انصاف جا ڄڻ گهِٽ بند ڪري ڇڏيا. ويتر کين پنهنجن ئي منجهائي ماريو. مائي جندو جي ڌيءَ حاڪمزاديءَ جي مڙس فيروز ڀٽيءَ کين ٻڌايو ته 14 -آگسٽ- 1997ع تي پاڪستان جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي حڪومت ميجر ارشد جميل جي سزاءِ موت کي عمر قيد ۾ تبديل ڪندي. اهڙين ڳالهين تي هنن مايوس ٿي احتجاج لاءِ انتهائي قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو. شهيدن جي وارثن مان مائي جندو چانڊيو جي ڌيءَ حاڪمزاديءَ ۽ ٻين 4 سالن جي انتظار بعد 14 -آگسٽ- 1996ع تي پاڻ ساڙڻ جو اعلان ڪيو. حيدرآباد انتظاميا ڊپٽي ڪمشنر زاهد سعيد ۽ ٻين ٽنڊي بهاول پهچي کين انصاف جو يقين ڏياريو. هنن سيپٽمبر 1996ع ۾ اهڙو اعلان ٻيهر ڪيو ۽ نيٺ 11 سيپٽمبر 1996ع تي هنن حيدرآباد ۾ جي او آر ڪالونيءَ ۾ واقع هڪ دهشتگردي ٽوڙ ڪورٽ آڏو پاڻ کيباهه ڏئي ڇڏي. جنهن حادثي ۾ مائي جندو چانڊيو بچي وئي، کيس 11 سيپٽمبر 1996 تي سول اسپتال حيدرآباد جي پرائيويٽ وارڊ نمبر 10 ۾ داخل ڪيو ويو. فهميده قريشيءَ کي 21 سيپٽمبر 1996ع تي سندس وحدت ڪالونيءَ واري گهر مان گرفتار ڪري بلديه ٿاڻي/ سي. آءِ. سينٽر تي رکيو ويو. 26 ۽ 27 سيپٽمبر تي سندس آفيس ”قومي ساٿ ويلفيئر سينٽر“ کي بلڊوز ڪيو ويو ۽ لکپڙهه وارو سمورو رڪارڊ ضبط ڪيو ويو. 5 آڪٽوبر تي مائي جندو ۽ فهميده قريشيءَ کي جي. او. -آر- ڪالوني ٿاڻي ۾ داخل هڪ ايف. آءِ. -آر- نمبر 96/42 جي آڌار تي، حيدرآباد جي ٿرڊ ايڪسٽرا جوائنٽ سول جج عبداللطيف جي عدالت مان جوڊيشنل رمانڊ تي سينٽرل جيل ڪراچي جي ڀر ۾ نيو ’جيونائيل جيل‘ اُماڻيو ويو، جڏهن ته مائي جندو جي اڪيلي پٽ ممتاز چانڊيي، ڏوهٽي سجاد چانڊيي ۽ حاڪم زاديءَ جي گهر واري فيروز ڀٽيءَ ۽ -ان- جي دوست حيدر ڪڇيءَ کي نارا جيل اُماڻيو ويو. -ان- وچ ۾ فهميده قريشيءَ کي مظلومن جو ساٿ ڏيڻ تي سندس مڱيندي ظهور احمد کيمٽيي،-ڀاءُ- عبدالاحد قريشي، ۽ قومي ساٿ جي ورڪرن ابراهيم دل، مير احمد يار خان، فيروز جان محمد -ڀٽي- ۽ حمايتي -اعجاز- مولائيءَ کي حيدرآباد جي ڪينٽ ٿاڻي، جي. او. -آر- ٿاڻي ۽ مڪي شاهه ٿاڻي تي دهشتگرديءَ جي مختلف ڪيسن ۾ گرفتار ڪرڻ بعد چالان ڪري نارا جيل اُماڻيو ويو. ٽنڊي بهاول واري انهيءَ ڪيس ۾ فهميده قريشيءَ جا 13 عزيز ۽ 250 کن هاري ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا. انهن مان 7 ڄڻن کي دهشتگرديءَ جي ڪيسن ۾ ۽ گهڻن کي 144 جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي ڪيسن ۾ جيل اماڻيو ويو. جڏهن ته مائي جندو جون ٻه ڌيئرون حاڪم زادي ۽ زيب النساءِ ڪجهه ڏينهن بعد بحريه جي اسپتال- پي. اين. شفا ۾ 20 ۽ 21 -تاريخ- تي وفات ڪري ويون. 6 -آڪٽوبر- تي سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ Stay Order ڏيڻ کانپوءِ هڪ سال جي ڊگهي عرصي بعد ٻڌڻي ڪري ميجر (ر) ارشد جميل جي فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل پاران مليل سزا برقرار رکڻ جو فيصلو ڏنو. انهيءَ بئنچ ۾ جسٽس سعيد الزمان صديقي ۽ جسٽس ضياءَ محمود صديقي هئا. ارشد جميل جو وڪيل ايم. -بلاول- هو. ايڊوڪيٽ جنرل قاضي جميل دليل ڏيندي چيو ته -آئين- جي آرٽيڪل 199 جي سيڪشن 3 ۽ 5 تحت ڪورٽ جو اختيار ناهي ته اها آرمي ٽربيونل جي فيصلن خلاف اپيل واري درخواست جي ٻڌڻي ڪري، -ان- ڪري آرمي ايڪٽ هيٺ هن فيصلي کي چئلينج نٿو ڪري سگهجي.

ارشد جميل جي وڪيل ايم. -بلاول- پريس وارن سان ڳالهائيندي چيو ته ”ٻن عورتن (حاڪمزادي ۽ زيب النساءِ) پاران پاڻ کي -باهه- ڏيڻ واري واقعي کان پوءِ معاملو -آسمان- تي پهچي چڪو هو “ 28 -آڪٽوبر- 1996ع تي حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ اڳوڻي آرمي آفيسر ميجر ارشد جميل کي ٽنڊي بهاول جي شهيدن جي ڪجهه وارثن جي سامهون ڦاهي ڏني وئي. هن جا ڀائر ۽ عزيز لاش کڻي ڪراچي ايئر پورٽ روانا ٿيا، حيدرآباد جي صحافين سپر هاءِ وي، ڄامشوري لڳ سندس ايمبولينس روڪي لاش جا فوٽو ڪڍيا، جنهن تي ارشد جميل جي عزيزن صحافين سان ڏند چڪ ڏنا. -ان- ريت سندس مائٽ لاش پي. آءِ. اي جي اُڏام پي. ڪي. 364 ذريعي -اسلام- -آباد- کڻائي ويا، جتي ضلعي ڪيمل پُور ويجهو ڳوٺ ”پنڊي گهيپ“ ۾ کيس دفن ڪيو ويو. -ان- عرصي دوران مائي جندو چانڊيو ۽ فهميده قريشي نيو جيونائيل جيل ڪراچيءَ ۾ قيد هيون. صبح جو مائي جندو ننڊ مان اُٿي، قاتل کي ڦاهي اچڻ جي پڪ ڪري ٻين قيدياڻين ڏانهن وئي، هن اُتي منشيات ڪيس ۾ گرفتار مڪراني ۽ ٻين عورتن کان ميڪ اپ جو سامان گهريو. لپ اسٽڪ ۽ پاؤڊر لڳائي. هُن عورتن جي ميڙ ۾ اُٿي ناچ ڪرڻ لاءِ اڃا هٿ مس لوڏيو ته اوچتو بيهوش ٿي ڪري پئي. جيل ۾ عورتن جو گوڙ ٿي ويو. هو کٽڻ کان پوءِ به هارائجي وئي هئي. هن جي اڱڻ تي پهرئين 3 کٽون ۽ هاڻ 5 کٽون خالي هيون. هن کي هوش آيو ته سڀني کان پڇيائين: ”حاڪمزادي ۽ زيب النساءِ ته ٺيڪ آهن؟“ پوءِ پاڻهي چوڻ لڳي ته ”منهنجيون ڌيئرون -الله- جو نالو وٺي -باهه- ۾ گهڙيون آهن، -الله- کين پار اُڪاريندو!“ مٿس پنهنجي ٻن ڌيئرن کي خودسوزيءَ لاءِ اُڀارڻ جو هڪ ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو. 5 نومبر تي صدر فاروق احمد لغاريءَ پاران پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ختم ڪرڻ کان پوءِ هنن جون ضمانتون منظور ٿيون. فهميده قريشيءَ جي گهر ٻاهران 5 مهينن تائين بڪتربند گاڏيءَ جي چوڪي قائم ڪئي وئي. حاڪمزادي ۽ زيب النساءِ پاران انصاف لاءِ پاڻ ساڙڻ واري عمل تي انصاف جا سمورا ايوان لڏي ويا. انهيءَ دور ۾ 21 سيپٽمبر 1996ع تي مير مرتضيٰ ڀٽو پنهنجي 7 ساٿين سان گڏ 70- ڪلفٽن آڏو پوليس فائرنگ ۾ شهيد ٿي ويو. انهن واقعن عوامي حڪومت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو. پارٽي جي ئي صدر پاران عوامي حڪومت جي انت کان پوءِ ٽنڊي بهاول جي متاثر خاندانن ۽ قومي ساٿ جي اڳواڻن ۽ حمايتين جون ڪورٽن مان ضمانتون ٿيڻ شروع ٿيون. 7 نومبر تي مائي جندو ۽ فهميده قريشيءَ کي سينٽرل جيل ڪراچيءَ مان آزاد ڪيو ويو، جيل جي گيٽ -تان-فهميده قريشيءَ کي ٻيهر هڪ ٻئي ڪيس نمبر 96/22 تحت گرفتار ڪري نظربند ڪيو ويو. هفتي کن کان پوءِ کيس ضمانت تي آزاد ڪيو ويو. مائي جندو جي اڪيلي پٽ ممتاز چانڊيي ۽ ڏوهٽي سجاد چانڊيي جي ضمانت آئيني مونجهارن سبب دير سان اٽڪل 11 مهينن کان پوءِ ٿي ۽ ساڍن -ٽن- سالن کان پوءِ اهو ڪوڙو ڪيس ختم ٿيو. 29 جولاءِ 2000ع تي سڪسٿ ايڊيشنل سيشن جج حيدرآباد جي ڪورٽ مائي جندو، فهميده قريشي ۽ ٻين کي خودسوزيءَ لاءِ اُڪسائڻ واري هن ڪيس مان باعزت طور -بري- ڪيو.

حڪومت 1992ع جي ٽنڊي بهاول جي شهيدن ۽ هڪ زخمي کي 24-24 -ايڪڙ- زمين ۽ 3-3 لک رپيا امداد ڏني هئي، اها زمين ضلعي -ٺٽي-جي جاتي تعلقي جي ديهه دونهين ۾ ڏني وئي، جتي پاڻي موجود نه هو ۽ اها زمين سمنڊ ويجهو ۽ سونامي جي خطري هيٺ هئي. 1995ع ۾ جيڪو سامونڊي طوفان آيو، -ان- ۾ جيڪي ماڻهو وڌ کان وڌ متاثر ٿيا، سي انهيءَ علائقي جا هئا. شهيدن جي وارثن -ان- لاءِ جاکوڙ شروع ڪئي. هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ آئيني پٽيشن نمبر: 438/06 شهيد ڌڻي بخش -ٻٻر- جي بيوهه مائي صاحبزاديءَ داخل ڪئي. ٻئي طرف مائي جندو احتجاج وارو رستو اختيار ڪيو. اهڙي جدوجهد جي نتيجي ۾ حڪومت 9 شهيدن جي وارثن ۽ هڪ زخميءَ کي 5-5 لک رپيا ۽ مائي جندو جي ٻن پٽن منٺار، -بهادر- ۽ ناٺي حاجي اڪرم ۽ ٻن نياڻين حاڪم زادي ۽ زيب النساءِ جي ناحق خون عيوض مالي سهائتا لاءِ 10-10 لک رپيا امداد ڏني. زمين بدران اها مالي سهائتا ڏيارڻ ۾ -اردو- اديب جميل جالبيءَ جي لائق فرزند ۽ اڳوڻي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن آفيسر ڄام شورو، خاور جميل جو وڏو هٿ هو. جنهن ڪامورا شاهيءَ کي اِهو سمجهايو ته ”امداد ايتري ڏيو، جو هي ڊٺل ۽ ماريل ماڻهو ڪي سال مالي مسئلن جو شڪار نه رهن!“ اڄ به -ٽنڊو بهاول- انهيءَ ڏک ۾ سوڳوار آهي. ٽنڊي بهاول جا سمورا شهيد هملي ڪولهيءَ سوڌو سمورن راڄن جي حمايتين سان گڏ ٽنڊي بهاول جي قبرستان ۾ آرامي آهن. اهو منظر شاهه عنايت جهوڪ ڌڻيءَ جي درگاهه جهڙو آهي، جتي سڀ -انسان-بنا ڪنهن متڀيد ۽ عقيدي جي فرق جي گڏوگڏ ۽ هڪ ٻئي جي ڀر ۾ ابدي آرامي آهن.

هن سانحي بعد حق ۽ انصاف لاءِ جاکوڙ ۾ عورتن جو ڪردار سڀ کان اُتم رهيو. جاويد خاصخيليءَ جي بيوهه ريحانه ٺيڪ ٻن سالن کان پوءِ 5 جون 1994ع تي مڙس جي شهادت جي صدمي ۽ وڇوڙي سبب پسٽل سان لوندڙيءَ تي گولي هڻي پنهنجو انت آندو. هن پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اُجهائڻ کان پهرين پنهنجي وهانءَ جي فلم پڻ ڏٺي. شهيد منٺار چانڊيي ۽ شهيد -بهادر- چانڊيي جي ٻن ڀينرن حاڪم زادي ۽ زيب النساءِ پاڻ کي ساڙي جان فدا ڪئي. 34 -ٻار- يتيم ٿيا، 10 خاندان برباد ٿيا ۽ سنڌ جي روايتي قبيلائي سماج جي ڪيترين ئي ڪڌين ڳالهين جي ڪري ڪيترا مسئلا پيدا ٿيا. انصاف لاءِ مائي جندو چانڊيو، مائي صاحبزادي -ٻٻر-، مائي تيجي ڪولهڻ، فهميده قريشي ۽ ٻين عورتن 18 سالن تائين جاکوڙ ڪئي. مائي جندو اڻ ٿڪ جدوجهد ڪري، مظلومن لاءِ هڪ مثال بڻجي ويئي. اڃا انصاف جو ڪجهه حصو باقي آهي، جنهن لاءِ ڳوٺ ٽنڊي بهاول وارن جي جاکوڙ جاري آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *