ٽنڊو الهيار ۾ ڪرونا ڦهلجڻ جو خدشو وڌي ويو
ٽنڊو الهيار ( رپورٽ: سجاد حسين سنڌسماءَچار) ٽنڊو الهيار ۾ مقامي سطح تي ڪرونا وائرس جي پهرين ڪيس جي تصديق ٿي وي آهي، نصرپور رورل هيلٿ سينٽر جي ڊاڪٽر کي ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي. ٽنڊي الهيار ۾ ڪرونا وائرس جي شڪار ٿيل آر ايڇ سي نصرپور پور ۽ اتي قائم آئسوليشن جي انچارج ڊاڪٽر جي ڪرونا ٽيسٽ جي رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ کيس حيدر آباد ۾ گهر اندر ئي ڪورنٽائين ڪيو ويو آهي. حيدر آباد واسي ڊاڪٽر جي رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ نصرپور رورل هيلٿ سينٽر علاج لاءِ ايندڙ سوين ماڻهن ۾ پريشاني پکڙجي وئي آهي.